ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي سسٽم جو مفرور بلڊنگ انسپيڪٽر گرفتار، ڪروڙين رپيا، هٿيار ۽ آءِ فونز هٿ، ان ڏس ۾ ايس ايس يو جي اسپيشل يونٽ بلڊنگ انسپيڪٽر ضياءُ عرف ڪالا جي گهر تي ڇاپو هڻي کيس گرفتار ڪري ورتو، سندس رهائشگاهه مان سسٽم جا لڪايل 5 ڪروڙ رپيا ، هٿيار ۽ آءِ فونز ڪيا ويا آهن پوليس موجب ضياءَ عرف ڪالا خلاف بلڊر کان ڀتو وصولي جو ڪيس پريڊي ٿاڻي تي داخل ٿيل هو، رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي جنيد شيخ ٻڌايو ته اسان ڀتا خوري ۾ ملوث جوابدار ضياءَ ڪالا کي گرفتار ڪيو آهي، هو سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ سسٽم هلائي رهيو هو، ضياءَ بلڊرز کان ڀتو وصول ڪري ٻين ۾ ورهائيندو هو،