ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ ۾782 خطرناڪ قرار ڏنل عمارتن مان ڪراچي ۾570 خطرناڪ عمارتون موجود هجڻ ۽ انهن عمارتن ۾ هزارين شهري آباد هجڻ جو انڪشاف، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي خطرناڪ عمارتن کي ماڻهن کان خالي ڪرائڻ ۽ ڊاهڻ کان معذرت ڪري ڇڏي. پي اي سيءَ خطرناڪ عمارتن ۾ رهندڙ هزارين انساني جانيون ضايع ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ چيف سيڪريٽري ۽ سنڌ حڪومت کي هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، ڪالهه سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي 2017ع کان 2020ع تائين آڊٽ پيرائن جو جائزو وٺڻ لاءِ پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جو اجلاس چيئرمين نثار کهڙو جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڊي جي آڊٽ سنڌ آڊٽ پيرا تي اعتراض واريندي چيو ته ڪراچيءَ سميت سڄي سنڌ ۾ خطرناڪ عمارتن کي ڊاهڻ ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو ادارو ناڪام ثابت ٿيو آهي، انهن خطرناڪ عمارتن ۾ ماڻهن جي موجودگي ڪنهن به وقت انساني جانين جي ضايع ٿيڻ جو الميو بڻجي سگهي ٿي، جنهن تي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊي جي عبدالرشيد سولنگي چيو ته ڪراچي ۾ 570، حيدرآباد ڊويزن ۾ 81، ميرپورخاص ۾67، سکر ۾ 60 ۽ لاڙڪاڻي ۾ 4 عمارتون خطرناڪ قرار ڏنيون ويون آهن، انهن زبون حال عمارتن ۾ هزارين ماڻهو رهائش پذير آهن، جيڪي پنهنجا گهر / جائداد خالي ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. هن ٻڌايو ته اهي ماڻهو گهر خالي ڪرڻ جي صورت ۾ متبادل گهرن جو مطالبو پيا ڪن، اسان وٽ متبادل گهر يا پلاٽ ناهن جو انهن ماڻهن کي ڏئي سگهجن ، اسان خطرناڪ قرار ڏنل عمارتن کي انهي ڪري ڊاهي نٿا سگهون، ڇاڪاڻ ته ماڻهن کي متبادل رهائش فراهم ڪرڻ هڪ وڏو اشو آهي. جنهن تي پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو چيو ته سنڌ حڪومت کي عوام جي زندگين جو تحفظ گهرجي، وقت گذرڻ سان گڏ اِهي خطرناڪ عمارتون وڌيڪ زبون خال ٿينديون اِهي عمارتون ڊهڻ جي صورت ۾ هزارين انساني جانيون ضايع ٿيڻ جو خدشو آهي. هن چيف سيڪريٽري کي هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ ۽ معاملي کي فوري طور حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.