ڪراچي: سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پاران شهر جي 578 عمارتن کي زبون حال قرار ڏنو ويو آهي. ان حوالي سان سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پاران ڪجهه عرصو اڳ ڪيل سروي موجب  شهر ۾ مجموعي طور تي 578 زبون حال عمارتون رهڻ توڙي استعمال ڪرڻ جي قابل ناهن. ايس بي سي اي اختيارين جي سروي رپورٽ موجب ته رڳو 434 زبون عمارتون اولڊ سٽي واري علائقي ۾ آهن.