اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي اهم ڪامورن جي وڏي ڪرپشن جي جاچ مڪمل ٿي وئي آهي. ڪرپشن جي جاچ لاءِ ڪاميٽي جوڙي وئي هئي جنهن ۾ ڊائريڪٽر جنرل ايس بي سي اي محمد اسحاق کهڙو خلاف جاچ ڪري رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اسحاق کهڙو غيرقانوني تعميرات ڪرائڻ ۾ ملوث آهي جنهن ۾ عمارتن تي اضافي فلور ٺهرايا ويا انهن جا حصا ٺاهيا ويا، رهائشي پلاٽن تي گهڻ ماڙ عمارتون ٺاهڻ جي اجازت ڏني وئي رهائشي گهرن ۾ ڪمرشل ڪمن جي اجازت به ڏني وئي. نقلي ڪاغذن تي غيرقانوني اڏاوتن جي اجازت ڏني وئي. لڳل الزامن ۾ رشوت وٺي مختلف ٽائونن ۾ غيرقانوني تعميرات جي اجازت ڏيڻ، قانون جي لتاڙ ڪرڻ، ايس اوپيز جي ڀڃڪڙي، اربن ٽائون پلاننگ جي لتاڙ ڪرڻ، مختلف ضلعن ۾ پٽاسسٽم تحت غيرقانوني ڪمن جي اجازت ڏيڻ، ڪنهن ڪارروائي جي ٿوري عرصي بعد ان عمارت جي وري تعمير جي اجازت ڏيڻ، حد دخليون قائم ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ، ڪراچي جي ماسٽر پلان ۽ رهائشي حدن جو غيرقانوني استعمال شامل آهن. هنن تي الزام آهي ته هن 6 هزار کان وڌيڪ غيرقانوني عمارتون ٺاهڻ، نالي ماتر ڪارروائي ڪري ڊاهڻ جا 3 هزار واقعا ڪيا. ڊي جي اسحاق کهڙو، رشيد سولنگي، ايڊيشنل ڊي جي بينش شبير، مشتاق سومرو، امتياز الحق شيخ، اشفاق کوکر، ريحان خان، خالد جمالي، نياز لغاري، فيصل عر لمبا، اسد خان، زبير مرتضيٰ، ظهير احمد، الطاف کوکر، امين، قمرقائمخاني، احسن ادريس، شاهد شيخ، شفيع مگسي، ڪاشف سومرو، ، نديم الله، آصف علي لانگاهه، ذوالفقار راهو، علي خان، شهباز، رياض حسين، عابد شاهه، نواب مڱڻيجو، آصف شيخ، آغا جهانگير، شاهد شمس، عديل قريشي، طارق مگسي، قربان جمالي، راحيل، ابريز ابڙو ۽ عمران طارق تي الزام آهي ته اهي سمورا آفيسر ان ڪم ۾ ملوث آهن. جاچ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته انهن آفيسرن جي غيرقانوني عمل سان 100ارب رپين جو فائدو کنيو ويو جنهن مان سرڪار کي 27 ارب رپين جو نقصان پهتو. اهو نقصان رهائشي پلاٽن تي غيرقانوني طور گهڻ ماڙ عمارتن جي اجازت ڏيڻ سان پهتو انهن عمارتن کي ڪڏهن به ريگولرائيز ڪرائي نه ٿو سگهجي. جڏهن ته عمارتن تي مقرر حد کان وڌيڪ فلور ٺاهڻ جي غيرقانوني اجازت ڏني وئي پر سرڪاري طور مقرر في وصول نه ڪئي وئي جنهن سان 10 ارب رپين جو نقصان پهتو. اهي اجازت ناما پي اي سي ايچ ايس، جي آر اي، سول لائنز ۽ ٻين علائقن ۾ جاري ڪيا ويا. مختلف سرڪاري فيون وصول نه ڪري 27 ارب رکين جو نقصان پهچايو ويو. رپورٽ ۾ ڪراچي جي ضلعن ڪورنگي، ڏکڻ، اولهه، سائٽ ٽائون، سينٽرل، نيو ڪراچي، نارٿ ناظم آباد، ڪراچي اوڀر ۽ ملير ضلعن ۾ پهتل نقصان، ان ۾ ملوث آفيسرن ۽ جن عمارتن يا پلاٽن تي غيرقانوني اڏاوت ٿي آهي انهن جا تفصيل به فراهم ڪيا ويا آهن.