لاهور (م ڊ) بلين ٽري رٿا جي سربراهه سميت وڌيڪ اڳواڻن پي ٽي آءِ ڇڏي ڏني آهي. ان ڏس ۾ اڳوڻي وزير ۽ بلين ٽري سونامي منصوبي جي سربراهه ملڪ امين اسلم به تحريڪ انصاف ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ملڪ امين اسلم چيو ته هن وقت هڪ ايجنڊا پارٽي کي هاءِ جيڪ ڪيو، ان تي پارٽي کي جوابده ٿيڻو پوندو. هن چيو ته ٽي وي تي سڀ ڪجهه ڏسي سڪتي ۾ اچي ويس، هاڻ ان ايجنڊا سان وڌيڪ نٿو هلي سگهان، اها ايجنڊا جيڪي به ماڻهو ٺاهي رهيا آهن اهي سڄڻ ناهن، اهي ان جماعت کي اونهي کاهيءَ ۾ ڦٽو ڪرڻ آيا آهن. سندس موجب جتي جتي جلوس ڪڍيا ويا، انهن جو ٽارگيٽ فوجي ملڪيتون هيون، اها ايجنڊا دشمن جو خواب پورو ڪري رهي آهي، 9 مئي تي پارٽي ڪارڪنن قانون هٿ ۾ کنيو، پارٽي ليڊر شپ کي ان جي انڪوائري ڪرائڻ گهرجي ها. واضح رهي ته ملڪ اسلم پي ٽي آءِ جي دور ۾ ماحوليات بابت وزير رهي چڪو آهي ۽ هو بلين ٽري سونامي منصوبي جو سربراهه به هو.  هوڏانهن پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر محمد امجد پارٽي جي ٽنهي عهدن تان استعيفا ڏئي ڇڏي آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو آهي ته تحريڪ انصاف ۾ مختلف ٽن عهدن تي مقرر ٿيل هئس، جن تان استعيفا ڏيان ٿو. هن چيو ته 9 مئي تي هنگاما ۽ دهشتگردي جا واقعا ٿيا. انصاف ۽ اصول پسندي خود تحريڪ انصاف ۾ ناهي.  ملڪ جي تباهي جو سبب بڻجندڙ سياست جو حصو نٿو بڻجي سگهان. اسان سڀني کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ٽڪرااءُ نه ڪرڻ گھرجي. ٽي کان چار ماڻهو چيئرمين کي روز ڀڙڪائيندا آهن ۽ غلط فيصلا ڪرائيندا آهن. ٻئي پاسي پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڏکڻ پنجاب جي  9 ايم پي ايز 9 مئي وارن واقعن تي سخت خدشن جوا ظهار ڪندي پاڪ فوج سان يڪجھتي جوا ظهار ڪري ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ پي ٽي آءِ ڏکڻ پنجاب جي اڳواڻ ظهير الدين، اشرف رند ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪئي، ننهن ۾ هنن 9 مئي وارن واقعن جي مذمت ڪندي چيو ته ان قسم جي سياست نٿي ڪري سگهجي. ان جي اجازت نه هجڻ گھرجي. پريس ڪانفرنس کان پوءِ صحافين جي سوالن تي پي ٽي آءِ اڳواڻ ظهير الدين چيو ته آئون ته اڳ ئي پارٽي ڇڏي چڪو آهيان، اڃا ڇا رهجي ويو آهي. اشرف رند چيوته  ڪو به محبت وطن ملڪ مخالف نٿو وڃي. 9 مئي تي جيڪو ٿيو ااهو ڏڦيڙ آهي سياست نه.