ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي جو چوڻ آهي ته هي ڪنهن بلوچ ڪنهن پنجابي کي نه ماريو آهي پر دهشتگردن پاڪستانين کي ماريو آهي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي، پلاند ڪنداسين، پاڪستان خلاف سازش ۽ ملڪ ٽوڙڻ جون ڳالهيون  ٿي رهيون آهن، بندوق وارا هزارين سالن ۾ به بلوچستان کي ٽوڙي نه ٿا سگهن. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته دهشتگرد پاڪستانين کي شهيد ڪري ڀڄي وڃن ٿا، جيڪڏهن دهشتگرد دلير آهن ته سڌو مقابلو ڪن، بندوق سان بلوچستان کي ٽوڙڻ جي ناڪام ڪوشش ٿيندي، اهي ماڻهو هزارين سالن ۾ ائين نٿا ڪري سگهن. اسان هر شهيد جو بدلو وٺنداسين، دهشتگردن کي سزائون ملنديون. وڏي وزير وڌيڪ  چيو ته عورتن سامهون مردن کي شهيد ڪرڻ بزدلاڻي ڪارروائي آهي. اسان جي بلوچ روايت ان جي اجازت ناهي ڏيندي دهشتگردن جي ڪا قوم ۽ قبيلو ناهي، دهشتگرد ملڪ ۾ انتشار ڦهلائڻ چاهين ٿا. دهشتگرد آسان هدف کي نشانو بڻائين ٿا ڪجهه ماڻهو دهشتگردن لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن هي جنگ صرف دهشتگردن ۽ فوج جي ناهي اسان سڀني جي آهي، اسان دهشتگردن جي نظريي کي مڙهڻ نه ڏينداسين. وڏي وزير بگٽي جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان طرفان چيڪ پوسٽون لڳائڻ تي اعتراض ڪيو پيو وڃي، هاڻي اسان پروپيگنڊا ٽولز کان متاثر نه ٿينداسين. ڳالهين جو حامي آهيان ڇا معصوم شهرين جي قاتلن سان ڳالهيون ڪريان، دهشتگردن خلاف ڪارروائي ضرور ٿيندي، اسمارٽ آپريشنز جي ذريعي دهشتگردن تائين پهچي ويندي. بندوق کڻندڙ دهشتگرد آهي، بشير زيب پاڪستان ٽوڙڻ چاهي ٿو هُو بي ايل اي جو حامي آهي پر اسان ائين ٿيڻ نه ڏينداسين ته پاڪستان ۾ رهي ڪري بي ايل اي جي حمايت ڪئي وڃي. هن چيو ته ڪجهه لاش سڃاڻپ جوڳا ناهن، ڊي اين اي کانپوءِ لاشن جي سڃاڻپ ڪئي ويندي. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته بيگناهه ماڻهن کي نشانو بڻائيندڙ رعايت جا مستحق ناهن، دهشتگردن ۽ سهولتڪارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. انتشار ڦهلائيندڙن کي معاف نه ٿو ڪري سگهجي.