ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته بلوچ نوجوانن کي سوچي سمجهيل ايجنڊا تحت رياست کان پري رکيو پيو وڃي. تازو ٿيندڙ واقعا افسوسناڪ آهن بلوچ روايتن ۾ ڪڏهن ڪنهن بيگناهه ۽ معصومن کي بسن مان لاهي ناهي ماريو ويندو. شاگردن ۾ تعليمي اسڪالرشپس چيڪس جي ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته صوبي جي نوجوانن کي رياست جي ويجهو آڻڻ ۽ ترقي جي ڀرپور موقعن جي فراهمي لاءِ بلوچستان يوٿ پاليسي آندي وئي آهي. توهان سڀ بلوچستان ۽ پاڪستان جو مستقبل آهيو، وچن ٿو ڪريان ته هن پروگرام کي وڌيڪ هٿي ڏني ويندي.