“بلوچ راجي مچي”- الزام ۽ تضاد

0
51
“بلوچ راجي مچي”- الزام ۽ تضاد

 گوادر ۾ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي انتظام هيٺ “بلوچ راجي مچي” (بلوچ قومي اجتماع) جي انعقاد ۽ بلوچ راجي مچي ۾ شرڪت ۾ قافلن جي سفري مرحلن ۾ پيش آيل ڏُکيائين ۽ وڌل رُڪاوٽن جي حوالي سان دستياب اطلاعن جي آزاداڻي تصديق انتهائي ضروري آهي. ان کان وڌيڪ ضروري ان ڳالهه جي وضاحت آهي ته، پاڪستاني سڌ سماءَ جي ذريعن صرف آءِ ايس پي آر جي پڌرائيءَ جي نشر ۽ اشاعت کي ئي ضروري ڇو سمجهيو. ان جي برعڪس بلوچ راجي مچي انتظاميا جي منتظمين جو موقف رياسي موقف جي بار هيٺان دٻائي ڇڏيو ويو. سڌ سماءَ جي ذريعن جي ان غير ذميداراڻي طرز عمل سان پيدا ٿيندڙ مسئلا وڌندڙ ويڇن ۽ ٻين مسئلن جو هتي ڪنهن کي رتيءَ جيترو به احساس نه آهي. فرض ڪريو ته جيڪڏهن ڪُجهه غلط ٿيو، جيئن چيو پيو وڃي ته بلوچ راجي مچي ۾ شرڪت ڪندڙن گوادر ۾ سيڪيورٽي فورسز تي حملو ڪيو، جنهن ۾ هڪ اهلڪار مارجي ويو ۽ درجن کن زخمي ٿي ويا ته پوءِ اهو سوال اهم آهي ته، ڇا هڪ طرفي موقف جي اشاعت سان سموري ڪهاڻي بيان ٿي چڪي آهي؟ ٻئي طرف بلوچ راجي مچي جي انتظاميا به ڪجهه زخمين جون تصويرون جاري ڪيون آهن. انهن جو موقف آهي ته بلوچ راجي مچي ۾ شريڪ ٿيندڙ، سيڪيورٽي فورسز جي فائرنگ سان زخمي ٿيا. هڪ يا ٻن ماڻهن جي مارجي وڃڻ جي دعويٰ به سامهون آئي. انهن متضاد اطلاعن جي سڌ سماءَ جي ذريعن جي ذميدارن جي معرفت تصديق ۾ ڏُکيائيون ان ڪري پيش آيون جو گوادر، جتي بلوچ قومي اجتماع منعقد ٿيڻو هو، ان کان علاوه بلوچستان جي گهڻن علائقن ۾ انٽرنيٽ بند ڪرايو ويو. سرڪاري ذريعا قافلن سان مختلف هنڌن تي پيش ايندڙ واقعن جي حوالي سان سوشل ميڊيا ۽ ڪُجهه غير ملڪي ميڊيا هائوسز جي ويب سائيٽس تي موجود تصويرن ۽ وڊيوز کي پروپيگنڊه قرار ڏئي رهيا آهن. ٻي ڌُر يعني بلوچ قومي اجتماع جا منتظمين انهن تصويرن جي دُرست هجڻ تي اصرار ڪري رهيا آهن. گذريل ڏينهن ان معاملي تي بلوچستان اسيمبليءَ ۾ ٿيندڙ بحث دوران تلخي ۽ هٿين پوڻ جي ڪوششن کي جيڪڏهن نظرانداز ڪري حڪومت ۽ اپوزيشن ميمبرن جي تقريرن جي سنجيده حصن جو غور سان جائزو ورتو وڃي ته، ان ڳالهه جي تصديق ٿئي ٿي ته، نه سڀ ڪُجهه ٺيڪ هو ۽ نه ئي آهي، ۽ نه ئي وري ويجهي مستقبل ۾ ان جي اميد ڪري سگهجي ٿي. بلوچستان اسيمبليءَ ۾ ڪيل تقريرن ۾ جتي پوليس جي، عورتن سان ڪيل ورتاءَ کي مقامي روايتن جي کليل توهين جي مترادف قرار ڏنو ويو، اُتي حڪومتي بينچن تان به اهي آواز ٻُڌڻ ۾ آيا ته بلوچ راجي مچي ۾ شرڪت لاءِ مختلف علائقن مان ويندڙ قافلن ۾ شامل مردن، عورتن کي ڍال بڻائي رستي ۾ ٻين سياسي جماعتن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي نجي عمارتن ۽ دڪانن تي پٿراءُ ڪيو. صرف اهو ئي نه پر ٻين جماعتن جي پوسٽرن ۽ جهنڊن وغيره کي به باهه ڏئي ڇڏي.

ان ڳالهه تي هرگز ٻه رايا نه آهن ته، پرامن سياسي جدوجهد جو حق پاڪستان جو آئين ڏئي ٿو. بلوچ راجي مچي جي انعقاد کي پرامن جدوجهد کان الڳ ڪري نٿو ڏسي سگهجي. البته بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي ذميدارن جو فرض آهي ته اهي ساڻن سياسي اختلاف رکندڙن کي قاتل، غدار ۽ بلوچن جي دامن تي داغ وغيره قرار ڏيندڙ ٻوليءَ جي حوصلي افزائي نه ڪن.

جيتريقدر بلوچستان جي مختلف هنڌن ۽ خاص طور تي گوادر ۾ پيش ايندڙ واقعن جو تعلق آهي ته ان تي صرف افسوس ڪافي نه آهي. گوادر واقعي جي حوالي سان آءِ ايس پي آر جي پڌرائيءَ تي موجود تحفظات ۽ هڪ جوابي موقف، ٻنهي کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. بلوچ قومي اجتماع جا منتظمين ۽ ٻيا ذريعا اهو چئي رهيا آهن ته، سيڪيورٽي فورسز تي جنهن حملي جي ذميواري بلوچ راجي مچي جي شرڪت ڪندڙن تي وڌي پئي وڃي، اهو واقعو اجتماع ۾ شرڪت ڪندڙن جي گوادر پهچڻ کان اڳ پيش اچي چڪو هو، جنهن جو ذميوار بلوچ اجتماع کي قرار ڏيڻ جو مقصد پرامن جدوجهد خلاف ڪارروائيءَ جو جواز جوڙڻ آهي. ظاهر آهي ته، اهي ٻئي موقف ته درست نٿا ٿي سگهن، انهن مان هڪ موقف ئي درست هوندو. سوال اهو آهي ته درست موقف جي تصديق ۽ ان کي عوام جي سامهون رکڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويندا يا کڻي سگهجن ٿا، جن تي، ۽ ان کان پوءِ رپورٽ تي عوام ۽ خاص طور تي بلوچستان جا ماڻهو اعتماد ڪري سگهن؟

اهو چوڻ غلط نه هوندو ته انٽرنيٽ سروس جي بندش، ميڊيا جو غير ذميواراڻو طرز عمل ۽ ٻنهي طرفن کان لڳندڙ الزامن جي ڪري ڪنهن به ڳالهه تي سئو سيڪڙو اعتماد ڪرڻ مشڪل بڻجي ويو آهي. بلوچ يڪجهتي ڪميٽيءَ جي انتظام هيٺ بلوچ راجي مچي جي انعقاد جو مقصد جبري گمشدگين، چِچريل لاشن، شهري ۽ سياسي حقن جي پائماليءَ تي پرامن احتجاج ٻُڌايو ويو. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته، پرامن احتجاج تي آئين بِنهه چِٽو ۽ واضح آهي. ٻئي طرف بلوچستان ۾ جاري هٿياربند ڪاررواين کي رياست کان بغاوت جي طور تي پيش ڪري سيڪيورٽي فورسز جي ڪاررواين جو جواز پيش ڪيو پيو وڃي.

بلوچستان ۾ رياستي ڪاررواين جي پنهنجي هڪ ڌار تاريخ آهي. ان تي هڪڙو موقف رياست جو آهي، ٻيو موقف بلوچن جي هڪ وڏي طبقي جو آهي. البته اها حقيقت آهي ته، 1948ع ۾ قلات تي ٿيل فوجي هلان هڪ اٻهرائيءَ ۾ ڪيل فيصلو هو، جنهن کان پوءِ ايوب دور ۾ قرآن مجيد تي صلح جي باوجود جبلن تان لهي آيل بلوچن جي اڳواڻ سردار نوروز خان ۽ ان جي ڪجهه ساٿين کي سزا ڏيڻ جي عمل سان جيڪا بي اعتماديءَ جي وڇوٽي پيدا ٿي، ان ۾ هر گذرندڙ ڏينهن سان اضافو ٿيندو ويو.

رياست ۽ بلوچن ۾ بي اعتماديءَ ۾ واڌ ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ ٿيل فوجي آپريشن يا جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ رياستي طاقت جي انڌا ڌنڌ استعمال جو پڻ عمل دخل آهي. رهيل ڪسر نواب اڪبر بگٽي جي سفاڪاڻي قتل پوري ڪري ڇڏي، جنهن جي سموري ذميواري جنرل پرويز مشرف تي لاڳو ٿئي ٿي. بي اعتماديءَ جي ان فضا ۾ جن مسئلن جنم ورتو، اهي به هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ ڳنڀير ٿيندا ويا ۽ ٿي رهيا آهن.

اها ڳالهه به پنهنجي جڳهه تي هڪ تلخ حقيقت آهي ته، بلوچ قومپرست اڳواڻ لالا غلام محمد بلوچ جي چِچريل لاش ملڻ کان پوءِ بلوچستان جي وچولي ۽ سفيد پوش ترقي پسند سوچ رکندڙ طبقن جو رياست ۽ سياسي عمل تي رهيل اعتماد به ختم ٿي چڪو آهي. بلوچستان جي موجوده صورتحال کي سمجهڻ لاءِ تجزيو ڪرڻ وقت جتي مٿي ڄاڻايل معاملن کي نظر ۾ رکڻو پوندو، اُتي ان سوال جو به جواب گهرجي ان سموري عرصي ۾ بلوچستان جي سرزمين تي جيڪي محنت ڪش پنهنجي غيربلوچ شناخت جي ڪري بيدرديءَ سان قتل ڪيا ويا، ان جو ذميوار ڪير آهي؟ ان سوال تي رُڳو اهو چئي ڇڏڻ ته، جنگ سٽيل علائقن ۾ غير مقامي ماڻهن کي وڃڻ کان پرهيز ڪرڻ گهرجي يا اهو ته، قتل ٿيل رياستي مخبر هئا، درست ناهي. منهنجي سمجهه ۾ بلوچستان مسئلن جو ڳڙهه آهي، مسئلا ڪيئن حل ٿيندا اهو هڪ اهم سوال آهي. ظاهر آهي مسئلا ڳالهه ٻولهه سان ئي حل ٿيندا پر ان جي لاءِ اعتماد سازي تمام گهڻي ضروري آهي. هن وقت اعتماد سازيءَ لاءِ رياست طرفان ڪو به قدم کڄندي نظر نٿو اچي. ان ڪري عام ماڻهن جي پريشاني وڌي رهي آهي. انهن حالتن ۾ فوري طور تي اهو چئي سگهجي ٿو ته،

“مِٽ جائيگي مخلوق تو انصاف ڪروگي”.