ڪراچي (نمائندن وٽان)جيڪب آباد ۾ 2 مارچ بلوچ ثقافتي ڏينهن جي مناسبت سان هڪ ريلي گلاب جان مينگل، دلاور لاشاري، شان علي جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وئي، ريلي ۾ شريڪ ماڻهن بلوچي ڊريس، پٽڪو ۽ واسڪوٽ پهري گشت ڪيو، ڊي سي چوڪ تي پهچي جهمريون هنيون ويون، ٽنڊو آدم ۾ بلوچي ثقافت جو ڏهاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، بلوچن جي وڏي اڪثريت پنهنجو ثقافتي لباس پهري انجم خان، زاهد بلوچ، عمران بلوچ، بلاول جدگال جي اڳواڻي ۾ لطيف گيٽ، جمن شاھ، سڪندر آباد کان ريلي ڪڍي قومي گيتن تي رقص ڪيو،عثمان شاھ ھڙي ۾ بلوچ برادري پاران محمد رحيم ڪملتي بلوچ ، نور ھوت ، مير وسيم بلوچ جي اڳواڻي ۾ سوين گاڏين سان ڪلر شاخ کان پريس ڪلب عثمان شاھ ھڙي تائين ريلي ڪڍي وئي.