بلوچستان ۾ ڪنهن آپريشن جي ضرورت نه آهي، دهشتگرد پوليس جي ايس ايڇ اوز جي مار به نه آهن: محسن نقوي

0
37
بلوچستان ۾ ڪنهن آپريشن جي ضرورت نه آهي، دهشتگرد پوليس جي ايس ايڇ اوز جي مار به نه آهن: محسن نقوي
بلوچستان ۾ ڪنهن آپريشن جي ضرورت نه آهي، دهشتگرد پوليس جي ايس ايڇ اوز جي مار به نه آهن: محسن نقوي

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته بلوچستان ۾ لڪي وار ڪندڙ دهشتگردن جو مڪمل بندوبست ٿيندو، بلوچستان سرڪار دهشتگردن خلاف ڪارروائي لاءِ جيڪو به فيصلو ڪندي وفاقي حڪومت حمايت ڪندي

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڪوئيٽا ۾ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بلوچستان ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو اهو برداشت ڪرڻ جوڳو نه آهي، وڏي وزير کي جيڪا به سپورٽ کپندي اها ڏينداسين

وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو ته دهشتگرد سافٽ ٽارگيٽ ڏسي مسافرن کي نشانو بڻائين ٿا، دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن کي نه ڇڏينداسين

بلوچستان ۾ دهشتگرديءَ جي واقعن بعد وزيراعظم جي هدايت تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڪوئيٽا پهچي وڏي وزير سان گڏ امن امان بابت اجلاس جي صدارت ڪئي

اجلاس ۾ صوبي اندر پيش آيل دهشتگرديءَ جي تازن واقعن ۽ سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري بلوچستان، آءِ جي پوليس ۽ ٻين جي شرڪت

 اجلاس کان اڳ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي وڏي وزير سان ملاقات دوران دهشتگردي جي واقعن ۾ شهيد ٿيلن جي تعزيت به ڪئي