
راولپنڊي(م ڊ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چيو ويو ته ڪنهن کي به بلوچستان جي امن امان ۾ رُخنو وجهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، نه ئي کين معافي ملندي، پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ کي پوري سگهه سان منهن ڏنو ويندو، ملڪ دشمن ڌُرين، سهولتڪارن ۽ کين همٿائيندڙن کي رياست پوري سگهه سان منهن ڏيندي، 268هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ فوج جي شهيدن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ شهرين جي قرباني کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، فورم کي خطي جي هاڻوڪي صورتحال ۽ قومي سلامتي کي پيش آيل چئلينجز تي بريفنگ ڏني وئي، آءِ ايس پي آر موجب فورم کي وڌندڙ خطرن جي جواب ۾ پاڪستان جي حڪمت عملي بابت بريفنگ ڏني وئي، هر قسم جي دهشتگردي کي بنا ڪنهن فرق جي ختم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو، ڪانفرنس ۾ چيو ويو ته پرڏيهي ڳٺ جوڙ ۽ ڏڦيڙ پکيڙڻ جي ڪوشش ڪندڙ وائکا ٿي چُڪا آهن، اهڙي ڪوشش ڪندڙن کي ڪابه معافي نه ڏني ويندي، جاري ڪيل پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته بلوچستان ۾ سمورن ملڪي ۽ غير ملڪي عنصرن جو اصل چهرو، ڳٺ جوڙ ۽ انتشار ڦهلائيندڙن جا ناپاڪ ارادا وائکا ٿي ويا، اهڙن عنصرن ۽ اهڙيون ڪوششون ڪندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ معافي نه ٿي ڏئي سگهجي. ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ وڌيڪ چيو ويو ته رياستي ادارا آئين جي دائري ۾ رهندي قانون تي عمل ڪندي، ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي نرمي يا ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. آرمي چيف جو چوڻ هو ته غيرقانوني سرگرميون دهشتگردي جي مالي مدد سان اندروني طور تي جڙيل آهن، پاڪستان ۾ دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن لاءِ ڪا به جاءِ ناهي.