بلوچستان جي بولان واري علائقي پيروڪنري جي ريلوي سرنگ نمبر 8 وٽ ڪوئيٽا کان پشاور ويندڙ جعفر ايڪسپريس (ٽرين) کي فائرنگ بعد هائيجيڪ ڪيو ويو آھي. دھشتگردن مسافرن کي يرغمال بڻائي ورتو آھي، جن ۾ عورتن ۽ ٻارڙن جو وڏو تعداد ٻڌايو پيو وڃي. آخري خبرن تائين فورسز جو آپريشن جاري ھو. دھشتگردن جي حملي ۾ ڊرائيور جي زخمي ٿيڻ جون خبرون آھن. موبائيل ڪميونيڪيشن نه هجڻ سبب رابطي ۾ مشڪلات آهي. خبرن موجب علائقي مان لاڳيتو فائرنگ ۽ ڌماڪن جا آواز اچي رهيا آھن. مچ, ڍاڍر, سبي ۽ ڪوئيٽا جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آھي. بلوچستان حڪومت جي ترجمان موجب پهاڙي علائقو هجڻ سبب ايمبولينسن ۽ امداد پهچائڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آھي, تنهن هوندي هڪ امدادي ٽرين ان طرف رواني ڪئي وئي آھي.
دهشتگردي جو راڪاس “آدم بوءِ… آدم بوءِ” ڪندو انساني حياتيون ڳڙڪائيندو وڃي. هن وقت خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ان جي نشاني تي آهن. جتي وقت جي مختصر وٿيءَ کانپوءِ دهشتگرديءَ جون وڏيون وارداتون ٿي رهيون آهن. ڪجهه وقت کان خودڪش حملن ۾ ٺاپر آئي هئي پر هاڻي وري اهو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. بلوچستان ۾ پڻ دهشتگرديءَ جا واقعا تيزيءَ سان ٿيڻ لڳا آهن. هي ملڪ عالمي قوتن جي مفادن جي ويڙهه جو ميدان بڻجي ويو آهي، اهو ئي سبب آهي جو دهشتگردن جي پٺيان عالمي نيٽ ورڪ آهن، جن کي منهن ڏيڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن. پاڪستان جون فورسز دهشتگرديءَ جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اڻڳڻيون قربانيون ڏئي رهيون آهن پر ماضيءَ جي غلط رياستي پاليسين جي ڪري دهشتگردي هتي پاڙون پختيون ڪري چڪي آهي. بلوچستان جو مسئلو اڳ ۾ ڪجهه مختلف هو پر اسانجي حڪمرانن طرفان هر معاملي جو حل “جرنيلي جراحي” جي صورت ۾ ڪڍڻ جي ڪري اهو مرض ويتر پيچيده ٿي چڪو آهي. بلوچستان جي هن جاگرافيائي سٽاءَ سان تعلق جي تند ڪمزور ٿي چڪي آهي. بلوچستان جي مسئلي کي خيبر پختونخوا کان مختلف نبيري جي ضرورت آهي. ان ڳالهه کان انڪار ڪونهي ته ملڪ ۾ ڏينهون ڏينهن ٻاهرين قوتن جي مداخلت وڌندي وڃي. هاڻي ته دهشتگرد قوتون هن رياست خلاف باهمي مفادن جي ڇٽيءَ هيٺان گڏ ٿي ويون آهن. ان سموري دهشتگرديءَ کي عالمي قوتن جي مفادن جي ويڙهاند جي تناظر ۾ ڏٺو پيو وڃي.
پاڪستان ۾ دهشتگردي ۽ خودڪش حملن جي وڌڻ واري لهر ملڪ جي سلامتي، استحڪام ۽ سماجي هم آهنگي تي گهڻو اثر انداز ٿي آهي. گذريل ڪجهه سالن ۾ انهن حملن ۾ اضافو ٿيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ نه صرف سوين قيمتي جانين جو نقصان ٿيو، پر عوام جو اعتماد به متاثر ٿيو آهي. انهن حملن جي پٺيان ڪيترائي پيچيده سبب آهن، جن ۾ داخلي سياست، مذهبي شدت پسندي، سماجي عدم مساوات ۽ عالمي سطح تي جاگرافيائي ڇڪتاڻ، سي پيڪ کي ناڪام ڪرڻ جون ڪوششون شامل آهن. پاڪستان ۾ دهشتگردي جي وڌندڙ واقعن جا ڪيترائي سبب آهن، جيڪي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. پهريون سبب مذهبي شدت پسندي آهي. هڪ عرصي کان ملڪ ۾ انتها پسندي ۽ دهشتگردي جي سوچ مضبوط ٿيڻ لڳي آهي، جيڪا ڪي داخلي ۽ خارجي عنصرن سبب مضبوط ٿي آهي. خاص طور تي افغانستان ۾ جاري جنگ، جيڪا عالمي سطح تي طالبان جي حڪومت سان تعلق رکندي هئي، پاڪستان ۾ شدت پسند عنصرن کي طاقت ڏني آهي. افغانستان ۾ غير ملڪي فوجن جي موجودگي ۽ پاڪستان جو ان جنگ ۾ حصو وٺڻ واري عمل ڪيترن انتها پسند گروپن کي پاڪستان جي سرحدن ۾ پناهه ڏيڻ جي سهولت فراهم ڪئي. ٻيو سبب سياسي عدم استحڪام ۽ حڪومت جي ڪمزوري آهي. جڏهن سياسي نظام مستحڪم ناهي ۽ رياستي ادارا غير متحرڪ يا بدعنوان ٿيندا آهن، ته دهشتگردي جهڙا ڏوھ وڌندا آهن. حڪومت جي دهشتگردي خلاف پاليسين ۾ تسلسل جي کوٽ ۽ بعض اوقات رياستي ادارن جي طرفان دهشتگردي خلاف سخت قدم نه کڻڻ سبب انتها پسند گروپن کي وڌيڪ موقعا ملن ٿا. سماجي ۽ معاشي عنصر به هن مسئلي جو اهم سبب آهي. غربت، بي روزگاري ۽ سماجي ناهمواري سبب نوجوان نسل دهشتگرد گروپن لاءِ سولو هدف ثابت ٿيندا آهن. اهي گروپ نوجوانن کي پنهنجي مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ هڪ عام حربو سمجهندا آهن. جڏهن ماڻهن وٽ روزگار ۽ تعليم جا موقعا محدود هوندا آهن، ته اهي شدت پسندي طرف راغب ٿي سگهن ٿا.
بلوچستان ۾ جعفر ايڪسپريس کي هائجيڪ ڪرڻ جو واقعو انوکي نوعيت جو آهي. ان سان خوف وڌيو آهي ۽ سيڪيورٽي جي اپائن تي بي اعتمادي پيدا ٿيڻ فطري ڳالهه آهي. ٽرين ۾، خبرن موجب، 450 جي لڳ ڀڳ مسافرن کي يرغمال بڻايو ويو آهي، جن جي حياتي خطري ۾ آهي. انڪري ڪليئرنس آپريشن دوران ڪنهن به قسم جي اٻهرائي نه ٿيڻ گھرجي ته جيئن مسافرن جي حياتين کي هاڃو نه رسي. دهشتگرديءَ کي روڪڻ لاءِ ڳالهين ۽ دعوائن جي چائنٺ ٽُپي حقيقي معنيٰ ۾ اُپاءَ ورتا وڃن ته جيئن عام ماڻهن جو تحفظ ٿي سگھي، ڇو ته عوام هاڻي حڪمرانن جا “چيلهه چٻي ڪرڻ” وارا بيان ٻڌي ٻڌي بيزار ٿي پيو آهي. اهڙي ڪنهن بيان جي اڃان گونج گم ئي نٿي ٿئي ته دهشتگرد حڪومتي دعوائن تان چٿر ڪندي دهشتگرديءَ جي ڪا وڏي واردات ڪري ٿا وڃن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سيڪيورٽي اُپائن جو نئين سر جائزو ورتو وڃي، نيشنل ايڪشن پلان تي ان جي روح مطابق عمل ڪيو وڃي.