شھدادڪوٽ(رپورٽر) بلوچستان جي شھر قلات ڪوئيٽا روڊ ٻن مسافر ڪوچن ۾ ٽڪر، 5 ڄڻا فوت، 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا، فوتين ۾ سيد جميل شاھه، عبدالله، علي دوست، عبدالشڪور ۽ جان محمد شامل آھن، جڏھن ته زخمين ۾ امداد محمد خان، فدا خداداد خان، محمد عزيز الله خان بابا ۽ ٻيا شامل آهن، اطلاع تي ليويز فورس پھچي زخمين ۽ فوتين جا لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا.