شھدادڪوٽ (رپورٽر ) بلوچستان جي باغ ھيڊ ٿاڻي جي حد ڳوٺ رسول آباد ۾ھٿياربند گھر تي حملو ڪري 12 سال جي نينگري فوزيه کي اغوا ڪري ويا. مزاحمت ڪرڻ  تي ھٿياربندن ٽن ڄڻن گلستان بي بي، محبوب ۽ عمران کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا، واقعي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري ھنڌ  پھچي زخمين کي اسپتال پهچايو، باغ ھيڊ پوليس موجب واقعي جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگھيو، وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آهيون.