شھدادڪوٽ (رپورٽ: امير علي مڱڻهار) بلوچستان جي دکي شھر ڀرسان نئين مان ٽي ڄڻن جا گوليون لڳل لاش ھٿ ڪيا ويا، نئين ۾ لاش ڏسي علائقي واسين پوليس کي اطلاع ڪيو، ليويز فورس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا، پوليس جو چوڻ هو ته لاشن جي سڃآڻپ نه ٿي سگهي آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.