باھوکوسو(ن پ ا)بلوچستان ۾ بگٽي ۽ کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار تان هٿياربندن هٿان مارجي ويل ھڪ ئي گھر جي 7 ڀاتين جو ڪيس دھشتگردي ايڪٽ تحت 7 سڃاتل ۽ 4 اڻسڃاتل جوابدارن مٿان داخل ڪيو ويو آھي، پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي، آر ڊي 238 ٿاڻي جي حد ڳوٺ دوران کوسو ۾ ھٿياربندن ھٿان قتل ٿي ويل مانجھي پور واسي علي حسن شيخ جي گھر ڀاتين عورت ۽ معصوم ٻارڙن سميت 7 ڄڻن جي قتل جو ڪيس دھشتگردي ايڪٽ تحت مقتول علي حسن شيخ جي ڀاءُ گل حسن شيخ جي فرياد تي جوابدار عظمت بگٽي، پير بخش بگٽي ٻئي پٽ عالمو عرف غلام ڪريم بگٽي، عاقل بگٽي،عادل بگٽي ٻئي پٽ عظمت بگٽي، رياض بگٽي ولد گاجان بگٽي، فاروق بگٽي ولد سفر خان بگٽي، فرحان بگٽي ولد رفيق بگٽي ۽ 4 نامعلوم جوابدارن مٿان داخل ڪيو ويو آھي، پوليس 7 مقتولن جو ڪيس 32 ڪلاڪن بعد داخل ڪيو، پر ان جي باوجود پوليس ھڪ به جوابدار کي گرفتار ڪري ناھي سگھي، ياد رھي ته ھڪ ڏينھن اڳ ڳوٺ دوران خان کوسو ۾ عظمت بگٽي ۽ دوران خان کوسو جي ٻن ڌرين ۾ 10 سالن کان 3 سو جريب زمين جي ھلندڙ تڪرار تان بگٽي برادري جي ھٿياربندن دوران خان کوسو جي ھاري علي حسن شيخ جي گھر تي چڙھائي ڪري انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري علي حسن شيخ ۽ سندس زال زيبل شيخ ۽ پنجن معصوم ٻارڙن کي گوليون ھڻي قتل ڪرڻ بعد گھر کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو گھر کي باھه لڳڻ سبب 4 معصوم ٻارڙا سڙي رک ٿي ويا ھئا.