شھدادڪوٽ(رپورٽر) بلوچستان جي شھر زھري ۾ اڳوڻي صوبائي وزير بلوچستان ۽ جي يو آءِ جي اڳواڻ عبدالخالق زھري جي پٽ جي يو آءِ جي اڳواڻ غلام سرور زھري ۽ سندس دوست مولوي امان الله زھري نامعلوم ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويا، سندن ھڪ گن مين گوليون لڳڻ ڪري زخمي ٿي پيو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، ٻي طرف جي يو آءِ ڪارڪن طرفان واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڪوئٽا_سوراب روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو.