گوادر(م ڊ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته بلوچستان ۾ سياسي ڳالهين سان خوشحالي ۽ امن اچي ويندو. دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ قانون لاڳو ادارن جي صلاحيتن ۾ اضافو ضروري آهي. ايوان صدر مان جاري ڪيل پڌرائي موجب گوادر ۾ صدر جي صدارت هيٺ بلوچستان ۾ سيڪيورٽي ۽ امن امان جي صورتحال بابت اهم اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ صدر کي صوبي جي مجموعي سيڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي، آصف زرداري کي بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ دهشتگردي جو ڪاميابي سان مقابلو ڪرڻ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪردار جي باري ۾ به ٻڌايو ويو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته صوبائي حڪومت بلوچستان ۾ سيڪيورٽي ۽ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ ٽارگيٽڊ حڪمت عملي جوڙي آهي، چيني ۽ غيرملڪي شهرين کي فول پروف سڪيورٽي ڏيڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. صدر آصف زرداري ان موقعي تي چيو ته بلوچستان ۾ قابل ۽ بهادر پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪرڻ جي ضرورت آهي.