شھدادڪوٽ (رپورٽ: امير علي مڱڻهار) بلوچستان جي منجھو شوري ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڊگهه ۾ زميني تڪرار تان منجھو برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران فائرنگ ۾ 2 ڄڻا ڳوٺ جو وڏيرو محمد عالم منجھو ۽ ممتاز منجھو قتل ٿي ويا، جڏهن ته گوليون لڳڻ سبب وزير علي منجھو ۽ دلمراد منجھو زخمي ٿي پيا، جن کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ويو.