رتوديرو (ن پ ا) رتيديري جي ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن سان بلوچستان ۾ روڊ حادثو، هڪ رتوديرو واسي ۽ ٻه بلوچستان واسي فوت، خبر موجب رتوديرو کان خضدار بلوچستان ڪرڪيٽ ميچ کيڏڻ لاءِ ويندڙ وين سان زيدي واري علائقي ۾ روڊ حادثو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ رتوديرو جي ڀٽا وانڍ واسي ڪرڪيٽر محمد نواز مرکياڻي، موٽر سائيڪل سوار بلوچستان ليويز پوليس اهلڪار حافظ نظير زين مينگل ۽ مولا بخش فوت ٿي ويا، جڏهن ته فيض محمد جکراڻي، شعبان بروهي ۽ يونس ناز سميت ٻيا ڪيترائي سخت زخمي ٿي پيا، ليويز ريسڪيو ٽيم حادثي واري هنڌ پهچي زخمين کي علاج لاءِ خضدار اسپتال منتقل ڪيو، ٻڌايو پيو وڃي ته رتيديري جي ڪرڪيٽ ٽيم جا رانديگر خضدار ٽورنامينٽ کيڏڻ وڃي رهيا هئا ته موٽرسائيڪل کي بچائيندي وين ڪلٽي ٿي پئي، نوجوان جي اهڙي فوتگي جي اطلاع تي سندس گھر ۾ روڄ راڙو مچي ويو، وارث لاش کڻائڻ لاءِ بلوچستان روانا ٿي ويا.