ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان ۾ فائرنگ ۾ ڊي سي قتل ٿي ويو، بم ڌماڪي ۾ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا. رپورٽ موجب اڻڄاتل هٿياربندن مستونگ ۾ فائرنگ ڪري ڊي سي پنجگور ذاڪر علي بلوچ کي قتل ڪري ڇڏيو. صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف به واقعي جي مذمت ڪئي آهي هوڏانهن بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي واقعي جو نوٽيس وٺندي، جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته ذاڪر بلوچ مختلف ذميواريون نڀايون. هو ايمانداري سان فرض نڀايا. ٻئي پاسي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز به واقعي جي مذمت ڪندي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ٻئي طرف ڪوئيٽا جي علائقي پشتون آباد چالو باوڙي چوڪ ڀرسان دستي بم ڌماڪو ٿيو. پوليس ٻڌايو ته دستي بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا زخمي ٿيا، جن کي فوري طور طبي امداد لاءِ اسپتال نيو ويو. اسپتال انتظاميا موجب 7 زخمين کي سول اسپتال جي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو.