ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) بلوچستان جي اطلاعات واري نگران وزير جان اچڪزئي چيو آھي ته سنڌ ۽ بلوچستان جي بارڊر تي نظر آھي، سنڌ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاھيون ٿا، اسان ايراني تيل جي اسمگلنگ کي روڪيو آھي، جڏهن ته بلوچستان ۾ مختلف ھنڌن تي ڊالرز اسٽاڪ ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري رڳو ڪوئيٽا مان ھڪ ڪروڙ ڊالر ھٿ ڪيا آھن ڪالهه هتي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ھن چيو ته اسان منشيات جي پوک ختم ڪرائي60 افغانين کي گرفتار ڪيو آهي، هن چيو ته اسان افغاني پناھگيرن کي پرڳڻي مان ڪڍي ناھيون سگھيا، اھو پاليسي مسئلو آھي، هن چيو ته آرمي چيف جي ويزن تحت بلوچستان ۾ 100 ارب ڊالرن جي سيڙپ ٿيڻي آهي، اسين بلوچستان کي معاشي حب بنائڻ چاھيون ٿا. هن چيو ته گوادر ۾ عالمي سطح جا ميچ ٿي سگھن ٿا، اسان شاھد آفريدي کي دعوت ڏيون ٿا، ھن چيو ته بلوچستان جي رڳو 3ضلعن ۾ دھشتگردي آھي پر نالو سڄي بلوچستان جو بدنام ٿئي ٿو، هن چيو ته دھشتگردي ڪندڙن کي ڳولي ڳولي مارينداسين، صوبي ۾ هر حالت ۾ امن امان قائم ڪنداسين، هن چيو ته بلوچستان جو مستقبل روشن آھي، اسان انهي کي روشن بڻائينداسين، هن چيو ته بلوچستان ۾ سياحت جي حوالي سان گھڻو ڪم ٿي سگھي ٿو، صوبي کي مليل 750 ارب رپيا ڪٿي به استعمال ناهن ٿيا، هن چيو ته بلوچستان جي اشرافيا ئي صوبي کي وڌيڪ نقصان رسايو آھي