ڪوئيٽا: بلوچستان جي علائقي بارکان ۾ هٿياربندن سڃاڻپ ڪارڊ ڏسي 7مسافرن کي بس مان لاهي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، واقعو رکني تعلقي کي ڊيرا غازي خان سان ملائيندڙ روڊ تي پيش آيو، اسسٽنٽ ڪمشنر بارکان خادم حسين چيو آهي ته 10 کان 12هٿياربندن ڪوئيٽا کان فيصل آباد ويندڙ مسافر بس کي روڪي 7مسافرن کي لاهي گوليون هڻي قتل ڪيو، لاش رکني اسپتال منتقل، ليويز ۽ ايف سي علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد معصوم ۽ خالي هٿين شهرين کي نشانو بڻائي رهيا آهن، امن دشمنن جو بزدلاڻو وار برداشت جوڳو نه آهي، سخت جواب ڏنو ويندو، بيگناهه شهرين کي شهيد ڪندڙ دهشتگردن کي انجام تي پهچايو ويندو.