اسلام آباد(م ڊ) بلوچستان ۾ دهشتگردي جي وڌندڙ واقعن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت شڪي دهشتگردن کي گهٽ ۾ گهٽ 3 مهينا قيد ۾ رکڻ لاءِ حراستي مرڪز ٺاهڻ جو فيصلو ڪري ورتو. خانگي ٽي وي جي رپورٽ موجب بلوچستان ۾ 26 آگسٽ وارن دهشتگرد حملن کانپوءِ وفاقي سرڪار اسٽيڪ هولڊرز سان گڏ سيڪيورٽي صورتحال ۽ جوابي ڪارروائي جو جائزو ورتو. ذريعن ٻڌايو ته حڪومت فوج سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي خاص اختيار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن تحت شڪي دهشتگردن کي 3 مهينن لاءِ بغير ايف آءِ آر يا عدالتي حڪمن جي حراست ۾ رکڻ به شامل آهي. ذريعن موجب ساڳيا ئي اختيار 2014 ۾ آرمي پبلڪ اسڪول پشاور تي دهشتگردن جي حملي کانپوءِ دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ تحت خيبرپختوانخواه ۾ قانون لاڳو ادارن کي ڏنا ويا هئا. اهڙن مرڪزن جا نالا مختلف ٿي سگهن ٿا