ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان جي علائقي بولان پاس وٽ هٿياربندن جعفر ايڪسپريس تي حملو ڪري قبضو ڪري ورتو، عورتن ۽ ٻارن سميت 500 مسافر يرغمال بڻايا ويا،  دهشتگردن ٽرين کي سرنگ ۾ روڪي عورتن ۽ ٻارن سوڌو ڪيترن ئي مسافرن کي يرغمال بڻايو آهي، علائقو ڌماڪن ۽ شديد فائرنگ سان گونجي اٿيو، ڪجهه ماڻهن جي مارجڻ ۽ ڪيترن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن. رات دير سان سڪيورٽي فورسز آپريشن ذريعي 104 يرغمالي مسافرن کي دهشتگردن وٽان بازياب ڪرائي ورتو، جن ۾ 58 مرد 31 عورتون ۽ 15 ٻار شامل آهن، سيڪيورٽي فورسز موجب باقي مسافرن کي به حفاظت سان ڇڏايو ويندو، دهشتگردن جو گهيرو تنگ ڪيو ويو آهي، سمورا يرغمالي جلد ڇڏايا ويندا. رپورٽ موجب اڄ صبح ساڍي 9 وڳي ٽرين ڪوئيٽا کان رواني ٿي جڏهن ٽرين گڊالار ۽ پيروڪنري جي علائقي مان گذري ته اتي نامعلوم هٿياربندن ٽرين تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ڊرائيور زخمي ٿي پيو. مسافر ڊنل آهن جڏهن ته علائقي ۾ هن وقت به فائرنگ جا آواز ٻڌڻ ۾ اچي رهيا آهن. اکين ڏٺن شاهدن ۽ ليويز ذريعن موجب مچ جي جابلو علائقن ۾ اهو واقعو پيش آيو آهي، جتي جعفر ايڪسپريس کي روڪيو ويو آهي، وڌيڪ فائرنگ جا آواز ٻڌڻ ۾ اچي رهيا آهن. ريلوي پوليس واقعي جي تصديق ڪندي چيو ته ريل کي اتي روڪيو ويو آهي، ٽرين ۾ گهٽ ۾ گهٽ 600 کان 700 مسافر سوار آهن، ڪيترن مسافرن جي زخمي ٿيڻ جا به اطلاع آهن پر تصديق جو عمل جاري آهي. ڊي ايس ريلوي جي پي آر او موجب سمورين اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، سبي کان ايمبولينسون واقعي واري هنڌ روانيون ڪيون ويون آهن. سيڪيورٽي فورسز واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ دهشتگردن جي خاتمي تائين ڪليئرنس آپريشن جاري رهندو، آپريشن ۾ 16 دهشتگرد مارجي ويا، ، ڪيترائي زخمي ٿي پيا، جڏهن ته فائرنگ ۾ 17 مسافر به زخمي ٿي پيا، حملي جا ماسٽر مائينڊ افغانستان سان رابطي ۾ آهن، دهشتگردن  معصوم مسافرن کي نشانو بڻايو، سندن  ڪو دين ايمان ناهي.