حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي حڪمرانن جي هٿن مان نڪري رهيو آهي، سنڌ کي ڀت سان نه لڳايو وڃي. ڦرلٽ ۽ قبضاگيري جي ڪري ملڪ ڪنهن وڏي حادثي جو شڪار به ٿي سگهي ٿو. هٽڙي باءِ پاس تي سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران منعقد ڪيل 33 هين يوم مادر جي جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان يوم مادر وطن کي احتجاجي ڏينهن ڪري سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف ڀرپور آواز اٿاريو آهي. هن چيو ته هتي پارٽيون ورهايل آهن ڪي پگهاردار, نسل پرستن جا ساٿاري ۽ ڪي وري ڀوتارن جا پگهاردار آهن پر اسان سمجهون ٿا ته رياستي جبر جو ڏاڍ ۽ نسل پرستي جو خوف ايس ٽي پي جي ڪارڪنن کي پوئتي هٽائي نٿو سگهي. اسان پرائي ايجنڊا جو حصو ناهيون, هن چيو ته سنڌ کي ڀِت يوار سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ به سنڌ سکي ستابي وطن طور موجود هئي. جن ماڻهن سنڌ کي انگريزن جي غلامي مان نجات جي لاءِ جدوجهد ڪئي اهي پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ قيدي بڻيا پر جن انگريزن جي ايجنڊا تي ٽپا پئي ڏنا ۽ پاڪستان وجود ۾ آڻڻ لاء اڳيان هئا انهن سنڌ جي ماڻهن جي احساسن کي نه ڏٺو. ان کانپوءِ سنڌ کي چئو کنڀو ڦاسايو ويو. هن چيو ته مسلم ليگيون ۽ پيپلزپارٽي جهڙيون حڪمران جماعتون سنڌ کان جياپو کسڻ پيون چاهين. سنڌو درياهه پاڪستان وجود ۾ اچڻ کانپوءِ وجود ۾ ناهي آيو. سنڌو درياهه هزارين سالن کان سنڌ مان وهندو رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جو بيوروڪريٽ ڪوڙو آهي. اهي غلط انگ اکر پيا ڏسين. ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت ڪوني ۽  اڄ جي پارليامينٽ ڪوڙي آهي ۽ ان ۾ جيڪا به قانونسازي ٿئي پئي اها ملڪ کي وڌيڪ بحرانن ۾ ڌڪيندي. ان کان اڳ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران 33هون يومِ مادر وطن ملهايو ويو. ان ڏس ۾ ايس ٽي پي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن طرفان حيدرآباد ۾ ريلي ڪڍي وئي ۽ جلسو منعقد ڪيو ويو. ريلي ۾ شامل سوين ڪارڪنن جي ھٿن ۾ ايس ٽي پي جا جھنڊا کنيل ھئا. ريلي قاسم آباد جي نسيم نگر چوڪ، واڌو واھ ۽ شھباز بلڊنگ کان ٿيندي گل سينٽر، اولڊ ڪئمپس، حيدر چوڪ، گول بلڊنگ، تلڪ چاڙھي، ٽاور مارڪيٽ، ھيرآباد، ھالا ناڪو ۽ ھٽڙي باءِ پاس کان ٿيندي جلسي گاھ پھتي، حيدرآباد جي مختلف هنڌن تي شھرين طرفان ڊاڪٽر قادر مگسي مٿان گلن جي ورکا ڪئي وئي.  سنڌ ترقي پسند پارٽي جي 33هين يوم مادر وطن جي جلسي ۾ قراردادون منظور ڪندي سنڌو درياءَ تي ٺھندڙ سمورن ڪئنالن کي رد ڪندي چيو ويو ته سنڌو درياءَ تي ڪوبه ڊيم ۽ ڪئنال قبول ناھي، سمورن ڪئنالن ۽ ڊيمن کي رد ڪريون ٿا، سنڌو درياءَ سنڌ جي جياپي جو ذريعو آھي، سنڌو درياءَ تي 6 ڪئنال ٺاھڻ واري منصوبي کي مڪمل طور تي رد ڪندي حڪمرانن کان مطالبو ڪجي ٿو ته فوري طور منصوبن کي ختم ڪيو وڃي ۽ سنڌو درياءَ ۾ مستقل بنيادن تي ڊائون اسٽريم ۾ گھٽ ۾ گھٽ 10 ايم ايف پاڻي ڇڏيو وڃي،  پاڪستان کي هڪ وفاقي گهڻ قومي ملڪ سمجهندي گھر ڪئي وئي ته وفاقي اڪائين سنڌي، بلوچ، پشتون، سرائيڪي ۽ پنجابي قومن تي مشتمل حقيقي وفاق تشڪيل ڪري پاڪستان کي عوامي جمهوريه پاڪستان قرار ڏنو وڃي. پاڪستان جي مختلف صوبن مان ملندڙ معدني ۽ آبي وسيلن تي اتان جي صوبن جي حاڪميت ۽ اختيار تسليم ڪيو وڃي، سنڌ جي زمينن تي فوري طور تي والار وارو سلسلو بند ڪيو وڃي، بحريا ٽائون ۽ ڊي ايڇ اي سميت مختلف رھائشي اسڪيمن ۽ ڪمرشل پراجيڪٽن جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي غيرقانوني طور قبضا ڪري ھڪ منظم سازش تحت ڌاري آبادڪاري کي ھٿي ڏني پئي وڃي، جنھن سان سنڌ جا اصل ڌرتي ڌڻي اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا، سنڌ جي سمورن وسيلن ۽ حقن تي ڌاريا قابض ٿي ويندا، انڪري سنڌ جي ڪراچي، ڪوھستان ۽ ساحلي علائقن ۾ ٿيندڙ قبضا فوري طور ختم ڪرايا وڃن، سنڌ مان ڌاري آبادڪاري کي نيڪالي ڏني وڃي، سنڌ کي ڪالونائزيشن ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش بند ڪئي وڃي، سنڌ ۾ آبي، زميني ۽ ھوائي رستن کان ايندڙ غيرقانوني آبادي کي روڪيو وڃي، سنڌي، بلوچي، پختون، سرائيڪي ۽ پنجابي ٻولين کي پاڪستان جون قومي ٻوليون قرار ڏئي هر صوبي جي ٻولي کي اتان جي قومي ۽ سرڪاري ٻولي جو درجو ڏنو وڃي، سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ پرائمري کان يونيورسٽي سطح تائين سنڌي ٻولي لازم قرار ڏني وڃي، پرائيوٽ اسڪولن ۾ پهرين درجي کان سنڌي ٻولي لازمي پڙھائي وڃي، سنڌ جي زراعت جي سڌاري لاءِ پاڻي جي فراهمي، معياري ۽ سستا ڀاڻ، ٻج ۽ دوائون مهيا ڪيون وڃن، زرعي جنسن جو اگھ فصل لهڻ کان اڳ مقرر ڪري ان جي خريداري کي يقيني بڻايو وڃي، زراعت کي تباھ ڪرڻ لاءِ مختلف وقتن تي ٻج، ڀاڻ، پاڻي ۽ زرعي دوائن جي کوٽ وارو سلسلو بند ڪيو وڃي، هي ميڙ ارسا ايڪٽ ۾ تبديلي واري آرڊيننس کي سنڌو جي پاڻي تي ڌاڙي ۽ قبضي جي سازش سمجهندي رد ڪري ٿو، سي سي آءِ جي ھوندي پاڻي متعلق سمورا اختيار ارسا جي چيئرمين حوالي ڪرڻ غيرقانوني ۽ غيرآئيني سان گڏ غيرجمھوري عمل آھي، جنهن خلاف سنڌ ڀرپور احتجاج ڪرڻ جو حق رکي ٿي ۽ سنڌ اھو واضح پيغام ڏئي ٿي ته سنڌ جو پاڻي ڪنھن به صورت ۾ چوري ڪرڻ نه ڏينداسين، هي ميڙ سنڌ حڪومت کان مطالبو ٿو ڪري ته سنڌ جي عوام کي بنيادي سھولتون ڏنيون وڃن، سنڌ جي صحت ۽ تعليم کي بھتر بڻائڻ لاءِ جوڳا اپاءَ وٺي انھن ۾ سياسي مداخلت بند ڪئي وڃي. ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ موجود تعليمي پاليسي جي بنيادن تي ٻهراڙي جي شاگردن جي داخلا تي لڳايل پابندي ختم ڪئي وڃي،  پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي سرڪاري نوڪرين جي وڪري وارو عمل سنڌ جي نوجوانن سان دوکو آھي، جيڪو بند ڪيو وڃي، ڪميشن جي امتحانن ۾ ٿيندڙ ڪرپشن کي ختم ڪرڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن ۽ ملوث عملدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي، اھڙو نظام جوڙيو وڃي، جنھن سان نج ميرٽ جي بنيادن تي نوجوانن کي روزگار ملي سگهي. هي ميڙ پاڪستان ۾ وڌندڙ مھانگائي، بدامني ۽ بيروزگاري تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي مطالبو ٿو ڪري ته ملڪ کي مستحڪم معاشي پاليسي ڏني وڃي، ملڪ مان ڪرپشن جو جو مڪمل خاتمو آندو وڃي. ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي والار وارو منصوبو ختم ڪري سنڌ ۾ پيل سرڪاري زمين سنڌ جي بي زمين هارين ۾ مالڪي جي بنياد تي الاٽ ڪيون وڃن. زرعي زمين تي مزدوري ڪندڙ هارين کي ٽريڊ يونين ٺاھڻ جو حق ڏئي کين سوشل سيڪيورٽي ۾ رجسٽرڊ ڪيو وڃي. ھي اجتماع زرعي ٽيڪس واري بل کي زراعت تي حملو قرار ڏيندي فوري ان ٽيڪس کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿو. هي ميڙ پيڪا ايڪٽ ترميمي بل کي رد ڪندي ان کي آزاد صحافت ۽ اظھار جي آزادي تي وار قرار ڏئي ٿو. سنڌو درياءَ جي ٻنھي پاسي ٻيلن جي زمينن تان قبضا ختم ڪرائي ٻيلا بحال ڪرايا وڃن.