جوھي (رپورٽ: حنيف لغاري) بلوچستان کان حمل ڍنڍ ذريعي ايف پي بند ۾ ايندڙ پاڻي خوشحالي سان گڏ اھنجن ۾ اضافي جو سبب بڻجي ويو آهي. رهواسي مڙھ مقامن ڏانھن منتقل ڪرڻ لاءِ توڙي مسافرن جي اچ وڃ لاءِ ٻيڙي سروس استعمال ڪرڻ تي مجبور آهن. پاڻي سبب ڪچا رستا بند هجڻ باوجود انتظاميه ڪنهن به قسم جي واھر نـ ڪئي آهي. ان ڏس م سانوڻي جي مند ۾ برساتون پوڻ بعد بلوچستان جي مختلف علائقن جو پاڻي حمل ڍنڍ م ڇوڙ ڪرڻ بعد ايف بند کان منڇر طرف وھڪرو ڪري رھيو آھي جتي مقامي آبادگارن بلوچستان واري پاڻي تي ھزارين ايڪڙ ڪڻڪ جي پوکائي مڪمل ڪرڻ تي آھن تـ ٻئي طرف ايف پي بند ۾ پاڻي سبب ڪاڇي ڏانھن اچ وڃ جا 10 کان وڌيڪ ننڍا وڏا ڪچا رستا پيچرا پاڻي ھيٺ ھجڻ ڪري مقامي ماڻھن جو اچ وڃ ٻيڙين تي ٿي ويو آھي جڏھن تـ ڪالهه بـه ڳوٺ فيض محمد لغاري ۾ امداد لغاري جي امڙ ڪينسر وگھي فوت ٿيڻ بعد ٻيڙي گھرائي مڙھ قبرستان طرف کڻي ويا آھن جتي روز ماڻھن جو اچڻ وڃڻ معمول بڻيل آھي جتي سرڪاري سطح تي ضلعي انتظاميـا توڙي آباشي کاتي ڪي بـ متبادل انتظام ناھن ڪري سگھيا ڳوٺاڻن سڃاڻ ڌرين حاڪم علي لغاري مولوي روشن لغاري ۽ ٻين مطالبو ڪيو تـ فوري تي ايف پي بند تي سرڪاري ٻيڙيون مھيا ڪيون وڃن.