قمبر(رپورٽر) قمبر جي تاريخي ماڳ کير ٿر جبل جي چوٽي تي واقع ڪتي جي قبرکي بلوچستان سرڪار طرفان پنهنجي ملڪيت ڄاڻائي ليويز فورس مقرر ڪرڻ جي اديبن ۽ ليکڪن طرفان پروز مذمت ڪئي وئي آهي، ان سلسلي ۾ ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي سيڪريٽري پروفيسر ڊاڪٽر دين محمد ڪلهوڙو جو چوڻ هيو ته ڪتي جي قبر،سنڌ جو قديم تاريخي ماڳ آهي.سنڌ حڪومت انکي سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ ڊڪليئر ڪري نهايت جرئتمنداڻو ۽ تاريخي طور درست فيصلو ڪيو آهي. ڪتي جي قبر کي هزارين سالن کان سنڌي زبان ۾ ڪتي جي قبر ئي سڏيو ويو آهي. جڏهن ته بلوچي زبان ۾ ڪتي کي کوچک چيو ويندوآهي، بلوچ اسان جا ڀائر آهن، پر جڏهن سنڌ جي سرحدن جي ڳالهه ايندي ته اسان جو موقف اهو بيهندو ته ٻه ڀائر ٽيون ليکو.اسان ان ڀائري جي ڪري گهڻو وڃايو آهي.وڌ يڪ اسان وڃائڻ نه ٿا گھرون.بلوچن کي اسان پنهنجا تاريخي ماڳ،شهر ۽ ورثا ڪڏهن به نه ڏينداسين، پروفيسر ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو جو چوڻ هيو ته ڪتي جي قبر پراڻي وقت کان وٺي سنڌ جو علائقو رهيو آهي، مرزا قليچ بيگ به اتي ڪتي جي قبر تي ويو هيو، ڪتي جي قبر سنڌي نالو آهي سنڌ کي لاوارث سمجهي هر ڪو قبضا ڪري پيو، پنجاب وارا به سنڌ جي علائقن حدن تي ائين ڪن ٿا، بلوچستان سرڪار جي اهڙي عمل جي پرزور مذمت ڪجي ٿي، ليکڪ خادم رند جو چوڻ هيو ته پراڻن نقشن ۾ به انگريز جي دور کان ڪٽي جي قبر قمبر تعلقي جو حصو رهيو آهي، سنڌ سرڪار جي نااهلي سبب رستو به ٺهي نه سگهيو آهي اهڙي عمل تي سنڌ حڪومت طرفان ڪو به تحرڪ نه ورتو ويو آهي ماضي ۾ به لسٻيلو هليو ويو، سماج سڌارڪ اديب درمحمد ٻرڙو جو چوڻ هيو ته ڪتي جي قبر قمبر جي يوسي غيبي ديرو ۾ آهي، اتي ڇٽا ذات جا ماڻهو رهن ٿا جيڪي اڳ يا اصل غيبي ديرو ڀرسان رهندا هئا، ڪجھ سال اڳ هو ووٽ به غيبي ديرو ۾ ڏيندا هئا، ڪتي جي قبر غيبي ديرو کان 15 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي، هينئر اتان قيمتي پٿر به نڪري ٿو، جڏهن ته ڊي سي قمبر سجاد حيدر قادري طرفان به ڪجھ مهينا اڳ سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت سنڌ کي ڪتي جي قبر کي ثقافتي ماڳ ۽ قومي ورثو قرار ڏيڻ لاء ليٽر لکي ڄاڻايو هيو ته ڪتي جي قبر قمبر تعلقي ۾ آهي جيڪا کيرٿر جبل جي چوٽي 6877 فوٽ جي اوچائي تي آهي، اونهاري جي موسم ۾ جڏهن اسان جي علائقي گرمي پڌ 40 کان مٿي هوندو آهي اتي موسم ٿڌي هوندي آهي،هتان جي ساڃاھ وندن طرفان سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڪتي جي قبر تان بلوچستان سرڪار جو قبضو ختم ڪرائي اوڏانهن رستو تعمير ڪرائي کيس سياحتي ماڳ بڻايو وڃي.