ڪوئيٽا (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان مان دهشتگرديءَ  کي  ختم ڪرڻ جو وقت اچي ويو، دهشتگردي خلاف جنگ جاري رهندي، ڪا رعايت نه ٿيندي، شهيدن جو رت رائگان نه ويندو، صوبي اندر ترقي جي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪنداسين، آرمي چيف جي قيادت ۾ دشمن کي ڪچلي ڇڏينداسين. وزيراعظم شهباز شريف ڪوئٽا ۾ نيشنل ايڪشن پلان جي صوبائي ايپڪس ڪاميٽي اجلاس کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته بلوچستان واقعي تي سڀ غمزده آهيون، بلوچستان مان هر حال ۾ دهشتگردي جو خاتمو ڪرڻو آهي،  دهشتگردي خلاف اسان جي جنگ جاري رهندي، دهشتگرد نه ٿا چاهين ته بلوچستان ۾ ترقي ٿئي، بلوچستان جي ترقي پاڪستان جي ترقي آهي، چاهيون ٿا ته  ترقي ۽ خوشحالي جي رستي ۾موجود رڪاوٽون دور ٿين، ترقي جي راهه ۾ هاڻي جيڪو به رخنو وجهندو، ان کي نه ڇڏينداسين، بلوچستان جي ترقي لاءِ اسان جي جوانن  جانين جا نذرانا ڏنا آهن، شهيدن جو رت رائگان نه ويندو، آرمي چيف ۽ سياسي قيادت هن خطرناڪ مرحلي کي پار ڪري وٺندي، ايپڪس ڪاميٽي جي اجلاس ۾ وزيراعظم کي بلوچستان جي تازاترين صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، گورنر جعفر مندوخيل، وفاقي وزيرن احسن اقبال، محسن نقوي، عطاءُالله تارڙ ۽ ڄام ڪمال به شرڪت ڪئي ، مختلف تجويزون پيش ڪيون ويون.