شھدادڪوٽ(رپورٽ: امير علي مڱڻهار) سنڌ جي آبپاشي کاتي بلوچستان مان ايندڙ سم جي پاڻي کي خطرناڪ قرار ڏئي ڇڏيو، رپورٽ سنڌ حڪومت حوالي ڪئي وئي، حڪومت بلوچستان حڪومت سان معاملو اٿارڻ بدران خاموشي اختيار ڪري ورتي. چيف انجينئر رائيٽ بينڪ مختيار ابڙو سنڌ حڪومت ۽ ايريگيشن سيڪريٽري کي ڪڇي ڪئنال کان ڪوهه سليمان جي ايندڙ سيلابي پاڻي جي خطري ۽ خطرناڪ منصوبي بابت آگاهي ڏيندي ان کي روڪڻ لاءِ ليٽر لکي ڇڏيو آهي. ليٽر ٽائيم نيوز پڻ ھٿ ڪري ورتو آهي. ليٽر ۾ چيو ويو آهي ته ھي پاڻي اچڻ ڪري سنڌ جا جيڪب آباد، شھدادڪوٽ، قبو سعيد خان، ميھڙ، جوھي ۽ حمل ڍنڍ کي وڏو نقصان ٿي سگهي ٿو ۽ پاڻي جو مقدار 3 لک کان 4 لک ڪيوسڪ ھجڻ ڪري ايف پي بچاءُ بند کي به چکي کان آر ڊي 159 وٽان وڏو نقصان ٿيڻ جو خدشو آهي. آر بي او ڊي ۽ ڪڇي ڪئنال نئين منصوبي کي پڻ روڪيو وڃي. ليٽر ۾ واضح ڪيو ويو آهي تہ آر بي او ڊي 2 لک 72 هزار ڪيوسڪ پاڻي گذارڻ ۽ حمل ڍنڍ ۾ ايتري پاڻي جي گنجائش ناھي. 25 مختلف سمن ۽ برساتي نالن جو پاڻي گذرڻ ڪري شھدادڪوٽ، قبو سعيد خان، ڳڙھي خيرو، قمبر، نصير آباد، ڪي اين شاھ ۽ شھري آبادي کي وڏو نقصان ٿي سگھي ٿو. 1932ع ۾ بلوچستان کان ايندڙ جبلن جي پاڻي کي روڪڻ لاءِ ايف پي بچاءُ بند ٺاهيو ويو ھو. ڪڇي ڪئنال جي پاڻي اچڻ ڪري ايف پي بچاءُ بند کي پڻ وڏو نقصان ٿي سگھي ٿو. ان پاڻي سان سنڌو درياهه جي ساڄي پاسي وارو سمورو علائقو متاثر ٿيندو. ليٽر ۾ چيو ويو آهي ته بلوچستان مان هن وقت جيڪو سم جو پاڻي اچي رهيو آهي، ان سنڌ جي زمينن ۾ سم ۽ ڪلر پيدا ڪيو آهي ۽ زميون غيرآباد بڻجي رهيون آهن. هن جي ڪري منڇر ڍنڍ کي مٺي پاڻي جي فراهمي رڪجي ويندي. جڏهن ته ڪوٽڙي بيراج جي ڪمانڊي ايريا ۾ به بلوچستان مان ايندڙ کاري پاڻي جي ڪري نقصان پهچي سگهي ٿو. ان پاڻي ۾ ٽي ڊي ايس 1500 کان به وڌيڪ هوندي آهي، جنهن سان علائقي جي زرعي زمين سم جي ور چڙهي رهي آهي. واپڊا جو انفرااسٽرڪچر تباهه ٿيل آهي ان ڪري سکر بيراج جي ڪمانڊ ايريا ۾ نقصان ٿيندو. خط ۾ لکيو ويو آهي ته اسان جي مقامي انتظاميا بلوچستان مان ايندڙ ايتري وڏي مقدار ۾ پاڻي کي منهن ڏئي نه ٿي سگهي. ان سان انساني آباديون به متاثر ٿي سگهن ٿيون. بلوچستان مان ايندڙ گندو پاڻي اڳ ۾ به اسان نيڪال نه پيا ڪري سگهون. ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ڪالهه ملاقات ڪئي پر سنڌ حڪومت هن معاملي تي ڪي به ڳالهيون نه ڪيون. آبپاسي کاتي جي خط ۾ چيو ويو آهي ته بلوچستان جو پاڻي حمل ڍنڍ کي به تباهه ڪري رهيو آهي ۽ ڍنڍ ۾ لٽ ڀرجي وئي آهي. خط جي پيرا نمبر 13 ۾ چيو ويو آهي ته بلوچستان مان ايندڙ ٻوڏ ۽ هن سم جي پاڻي حمل ڍنڍ کي لٽي ڇڏيو آهي جنهن سان حمل جي پاڻي گڏ ڪرڻ جي گنجائش گهٽجي وئي آهي. هن وقت حمل ڍنڍ وڌيڪ پاڻي سهي نه ٿي سگهي. ان پاڻي حمل جي پاڻي کي به کارو ۽ زهريلو ڪري ڇڏيو آهي، خط ۾ بلوچستان مان ايندڙ مختلف ندين، دريائن جو به ذڪر ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب بلوچستان جو پاڻي قبولو درياهه، پتافي، باگ، بدرا، کيئنجي، ينڌاري، سيتا، ڳيريلو، مزراڻي درياءَ، دلان نئين، پير لاکا درياهه، نئين گاج، نئين سول ۽ هدو نالو وسيلي مختلف علائقن مان گذري حمل، ايف پي بند وسيلي منڇر ڍنڍ ۽ اتان اڙل واهه وسيلي سنڌو درياءَ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو.