اسلام آباد (م ڊ) بلوچستان صورتحال تي وزيراعظم پاران اجلاس گهرايو پيو وڃي، ذريعن موجب اجلاس اڄ طلب ڪيو ويو آهي، بلوچستان سان تعلق رکندڙ سياستدانن، پارليامينٽ ميمبرن کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي، ذريعن موجب بي اين پي مينگل جي سربراهه اختر مينگل اجلاس ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو، اختر مينگل جو چوڻ آهي ته آئون اسٽيڪ هولڊر ناهيان، جيڪي اسٽيڪ هولڊرز آهن انهن کي گهرايو ڇو ته مون وٽ ته رڳو هڪ سيٽ آهي، ذريعن موجب ڪجهه ٻيا سياستدان به آهن جيڪي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندا.