اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن بلوچستان جي حالتن تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي وفاقي گهرو وزير کان استعيفا جو مطالو ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب قومي اسيمبلي جو اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر ۽ پيپلز پارٽي جي ميمبر مهتاب اڪبر راشدي بلوچستان ۾ امن امان جي خراب صورتحال جو معاملو اٿاريو. اسد قيصر گهرو وزير کان استعيفا جو مطالبو ڪيو، اسد قيصر چيو ته ڪالهه کان بلوچستان ۾ واقعا ٿي رهيا آهن،بلوچستان ۾ ماڻهن کي گاڏين مان لاهي قتل ڪرڻ افسوسناڪ آهي، سڄي ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي، ان معاملي تي هڪ خاص اجلاس گهرايو وڃي جنهن ۾ تجويزون پڻ ڏنيون وڃن. گهرو وزير جي کان نه سيڪيورٽي ۽ نه ئي ڪرڪيٽ سنڀالجي ٿي، اها گهرو وزير جي ناڪامي آهي، استعيفا ڏئي، هي گهرو وزير سان گڏ انٽيليجنس ادارن جي به بدترين ناڪامي آهي. پيپلز پارٽي جي ميمبر مهتاب اڪبر راشدي چيو ته بلوچستان ۾ جيڪا امن امان جي صورتحال خراب ٿي آهي اها ڪا معمولي ڳالهه ناهي جنهن تي صرف جملي بازي ڪئي وڃي. هي ڪهڙو امن امان آهي؟ ميمبر قومي اسيمبلي عادل خان چيو ته بلوچستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو آهي ان جي مذمت ڪريون ٿا، انتظاميا ڇا پئي ڪري. ميمبر قومي اسيمبلي جمال احسن چيو ته منهنجي علائقي ڪالاباغ ۾ 6 ڪلاڪن کان فائرنگ جاري آهي، اتي شيعه سني فساد ٿيو آهي، وزير اطلاعات عطا تارڙ چيو ته عمران خان ۽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد طالبان کي پاڪستان واپس آندو، ڪي پي ڪي ۾ جيڪا باهه لڳي اها اوهان جي لڳايل آهي. بلوچستان ۾ جوانن شهادت ڏني، ان معاملي تي سياست نه ڪئي وڃي. ميمبر قومي اسيمبلي اقبال آفريدي چيو ته فاٽا ۾ عزم استحڪام لاءِ راهه هموار ڪرڻ لاءِ امن کي تباهه ڪيو پيو وڃي، ڊالر ڪمائڻ لاءِ راند کيڏي پئي وڃي.