شھدادڪوٽ(رپورٽ: امير علي مڱڻهار) بلوچستان جي ڪڇي ڪئنال جو نئون منصوبو رڪجي نه سگھيو، سيف الله مگسي برانچ ڀرسان نئين سم شاخ جو بلوچستان سرڪار ۽ واپڊا طرفان ھلندڙ ڪم رڪجي نه سگھيو، ان حوالي سان آبادگارن محسن قاضي، عبدالخالق کوسو، حسن بروهي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت ۽ آبپاشي کاتو خاموش تماشائي بڻيل آھن، اسان جو وزيراعليٰ سنڌ ۽ چيف جسٽس پاڪستان کان مطالبو آھي ڪڇي ڪئنال جي نئين منصوبي کي روڪيو وڃي، ھن منصوبي سان ايندڙ 2 لک 72 ھزار ڪيوسڪ پاڻي ساب پورو علائقو مڪمل طور تي تباھه ۽ برباد ٿي ويندو، اڳ ۾ ئي آر بي او ڊي علائقي ۾تباھي مچائي ڇڏي آھي، لکين ايڪڙ زمين سم جي ور چڙهيل آھي، جنھن ڪري اسان فاڪاڪشي جي زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون.