شھدادڪوٽ (رپورٽر) بلوچستان جي باغبان ٿاڻي جي حد ۾ محمداڻي ۽ خدراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙي دوران ھڪ ڄڻو فدا خدراڻي گوليون لڳڻ سبب مارجي ويو ، واقعي بعد مارجي ويل ڳوٺاڻي جي وارثن لاش ڪراچي – ڪوئيٽا روڊ تي رکي سخت نعري بازي ڪئي، ڌرڻي سبب ٽريفڪ معطل ڪئي وئي، ان موقعي تي مظاهرو ڪندڙن امداد حسين خدراڻي، نصير خدراڻي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جستائين جوابدار گرفتار نه ڪيا ويندا، احتجاج جو سلسلو جاري رهندو، آخري اطلاعن تائين ڌرڻي جاري هو،جڏهن ته واقعي سبب ڌرين ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال جاري رهي.