ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي ضلعي ڪيچ جي تعلقي هوشاب ۾ ڌماڪي سبب گاڏي ۾ سوار 3 ڄڻا مارجي ويا آهن. بالگتر ۾ گاڏي ويجهو ڌماڪو ٿيو جنهن سبب ڪار سوار 3 ڄڻا مارجي ويا. واقعي جي اطلاع تي ليويز اهلڪارن لاشن کي تربت اسپتال منتقل ڪيو. اهو پتو ناهي پئجي سگهيو ته ڌماڪو گاڏي جي ڌماڪيدار سرنگ سان ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ ٿيو يا روڊ ڪناري لڳل ڪنهن بم جي نتيجي ۾ ٿيو.