شھدادڪوٽ(رپورٽ: امير علي مڱڻهار) بلوچستان حڪومت پاران ٻوڏ ۽ سم جو زهريلو پاڻي ڪڇي ڪئنال ذريعي ھيردين ڊرين ۾ ڇوڙ، شھدادڪوٽ، قمبر، ڳڙھي خيرو، قبو سعيد خان ۽ سيوهڻ جي هزارين ايڪڙ زمين غيرآباد ٿيڻ جو خدشو ظاهر، شھدادڪوٽ جي سياسي سماجي اڳواڻن ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته بلوچستان حڪومت ۽ واپڊا پاران ڪوهه سليمان جو زهريلو پاڻي ڪڇي ڪئينال ذريعي جيڪب آباد مان گذاري قمبر جي ڳوٺ چڪکي وٽ ھير دين ڊرين ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي، زهريلي پاڻي سبب سنڌ جي هزارين ايڪڙ آباد زمين غيرآباد ٿي ويندي، فوري طور بلوچستان حڪومت زهريلو پاڻي هيردين ڊرين ۾ ڇوڙ ڪرڻ وار سلسلو بند ڪري.