شهدادڪوٽ(رپورٽ: امير علي مڱڻهار) بلوچستان حڪومت پاران سم وارو زهريلو پاڻي ڪڇي ڪئنال ذريعي ھيردين ڊرين ۾ ڇوڙ ڪرڻ واري منصوبي جو نقشو پنهنجي اخبار هٿ ڪري ورتو، بلوچستان حڪومت پاران سم وارو پاڻي ڪڇي ڪئنال ذريعي ھيردين ڊرين ۾ ڇوڙ ڪرڻ سان قمبر، شھدادڪوٽ، ڳڙھي خيرو، قبو سعيد خان ۽ سيوهڻ تائين سمورو علائقو سم جي ور چڙهي ويندو، واپڊا ۽ بلوچستان حڪومت طرفان ڪڇي ڪئنال جو نئون منصوبو ٺاهيو ويو آهي جنهن وسيلي بلوچستان جي جبلن جو سم نالن جو ۽ ڪوھه سيلمان جي جبلن جو برساتي پاڻي ۽ سيلابي پاڻي جيڪو لکين ڪيوسڪ ٿئي ٿو ڪڇي ڪئنال ذريعي پٽ فيڊرل ڪئنال کان ڪراس ڪري آر بي او ڊي ذريعي جهٽ پٽ کان سنڌ ڏانھن اماڻيو ويندو. سنڌ ۾ اهو پاڻي جيڪب آباد ضلعي ۾ داخل ٿي اتان قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي سنڌ بلوچستان جي دنگ واري ڳوٺ چکي تائين آڻي آر بي او ڊي ٿري ۾ وڌو پيو وڃي. سيف الله مگسي برانچ سان لڳ اوستا محمد کان نئين سم شاخ کوٽي پئي وڃي جيڪا ساڳي چکي وٽ اچي آر بي او ڊي ٿري ۾ ڇوڙ ڪندي. ذريعن موجب آر بي او ڊي ٿري جا بند گذريل سال ۽ پوءِ جي پيل برساتن جي ڪري ھنڌان ھنڌان ٽٽل آهي، جڏهن ته آر بي او ڊي ٿري جي ڪيپيسٽي 3500 سئو ڪيوسڪ آھي، هن مان 4 لک ڪيوسڪ پاڻي گذارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. جيڪو ڪوھه سيلمان ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن جو آهي. نئين منصوبي سان ڪڇي ڪئنال جيڪو مٺي پاڻي جو ڪئنال ھو ھاڻي ان کي سيلابي پاڻي ۽ سم جي پاڻي جو ڪئنال ڪيو پيو وڃي. ڪڇي ڪئنال کي پڻ بلوچستان جي ٽيپل ۽ ڇٽ جي علائقي کان گذاري جھٽ پٽ ڀرسان آر بي او ڊي ٿري ۾ ملايو پيو وڃي.