شهدادڪوٽ: بلوچستان کان آر بي او ڊي ۾ ڇڏيل زهريلو پاڻي انسان ذات، آبي جيوت توڙي فصلن لاءِ انتهائي هاڃيڪار آهي، سنڌ جي مختلف علائقن جي رهواسين مطالبو ڪيو آهي ته ان پاڻي کي روڪي فيصل، آبي جيوت توڙي انسان ذات کي بچايو وڃي، فوري طور زهريلو پاڻي ڪڇي ڪئنال ذريعي ھيردين ڊرين ۾ ڇوڙ ڪرڻ وارو منصوبو رد ڪيو وڃي. آبادگار اڳواڻ محسن قاضي، مرتضيٰ لاشاري، ڪامريڊ ارشاد علي، سني تحريڪ جي اڳواڻ علي محمد چنو ۽ ٻين چيو آهي ته هي منصوبو سنڌ جي زراعت کي مڪمل تباهه ڪندو، سنڌ حڪومت هن معاملي تي مڪمل طور خاموش آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت کي بلوچستان ۽ وفاقي حڪومت سان ان باري ۾ ڳالهائڻ گهرجي،