ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ بلديه فيڪٽري سانحي جي جوابدارن جي سزا خلاف اپيلن تي فيصلو 11 سيپٽمبر تي ٻڌائيندي، فيڪٽري جي 3 ملازمن ايڊووڪيٽ شوڪت حيات ۽ فاروق حيات ذريعي بلديا فيڪٽري سانحي جي مک جوابدارن ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي سيڪٽر انچارج زبير چريا، رحمان ڀولا، علي محمد، فضل محمد، شاهه رخ ۽ ارشد محمد جي سزائن کي چئلينج ڪيو هو، هنن چيو ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي فيصلي ۾ حقيقتن کي نظر انداز ڪيو ويو آھي، واضح رهي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت بلديا فيڪٽري ڪيس جو فيصلو 8 سالن کانپوءِ 22 سيپٽمبر 2020 تي ٻڌايو هو. جنهن ۾ جوابدارن ايم ڪيو ايم جي ان وقت جي سيڪٽر انچارج رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي وئي ھئي، عدالت ايم ڪيو ايم اڳواڻ رئوف صديقي سميت 4 ڄڻن کي ثبوت نه ملڻ تي بري ڪري ڇڏيو ھو. جڏھن ته اديب خانم، علي حسن قادري ۽ عبدالستار شامل کي آزاد ڪيو ويو ھو.