بلديه فيڪٽري سانحو، رحمان ڀولا ۽ زبير چريا جون موت جي سزا خلاف اپيلون رد

0
104

ڪراچي: بلديه فيڪٽري سانحي ڪيس ۾ جوابدارن رحمان ڀولا ۽ زبير چريا جون موت جي سزا خلاف اپيلون رد، سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ رئوف صديقي سميت 4 جوابدارن کي آجو قرار ڏيڻ خلاف سنڌ سرڪار جي اپيل رد ڪري ڇڏي

 4 جوابدارن شاهه رخ، فضل، ارشد محمود ۽ علي محمد جي عمر قيد واري سزا ڪالعدم قرار ڏني وئي آهي، جسٽس ڪريم خان آغا جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بينچ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي

 سنڌ هاءِ ڪورٽ 29 آگسٽ تي ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو هو، 11 سيپٽمبر 2012 تي بلديه ٽائون فيڪٽري ۾ باهه لڳائڻ واري واقعي ۾ 259 پورهيت سڙي فوت ٿي ويا هئا

 22 سيپٽمبر 2020 تي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ايم ڪيو ايم جي سيڪٽر انچارج رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي هئي، عدالت متحده اڳواڻ رئوف صديقي سميت 4 جوابدارن کي ثبوت نه ملڻ تي آجو قرار ڏنو هو

 متحده اڳواڻ رئوف صديقي چيو آهي ته عدالتي فيصلي موجب اسان بي گناهه آهيون، ڪيس ۾ نامزد ڪيل جوابدار فضل جيل ۾ فوت ٿي ويو، اڄ عدالت کيس ڪيس مان آجو قرار ڏنو آهي