ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ ) بلديه فيڪٽري سانحي ڪيس ۾ عبدالرحمان ڀولا ۽ زبير چريا جون موت جي سزا خلاف اپيلون رد: جاچ غير معياري ۽ ناقص ٿيڻ جو انڪشاف، عدالت پنهنجي تفصيلي فيصلي ۾ چيو آهي ته ائين نٿو لڳي ته 1000 پورھيتن واري فيڪٽري کي ساڙڻ جو فيصلو ايم ڪيو ايم قيادت جي منظوري کانسواءِ ٿيو ھجي، ان ڏس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس ڪي ڪي آغا جي سربراهيءَ ۾ ٻه رڪني بينچ محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪندي ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي سيڪٽر انچارج رحمان ڀولا ۽ زبير چريا جون اپيلون رد ڪندي سندن ڦاسي جي سزا برقرار رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت عمر قيد آيل 4  جوابدارن جون اپيلون منظور ڪندي ايم ڪيو ايم اڳواڻ  رئوف صديقي سميت  ٻين جوابدارن جي آزادي خلاف حڪومت جي اپيل رد ڪري ڇڏي،عدالت بلديه فيڪٽري سانحي جي تفصيلي فيصلي  ۾ چيو آهي ته ائين نٿو لڳي ته 1000 پورھيتن جي فيڪٽري کي ساڙڻ جو فيصلو ايم ڪيو ايم  قيادت جي منظوري کانسواءِ ٿيو ھجي، وڏي انگ ۾ انسانن جي موت جو سوڳ ته ملهايو ويو پر مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ ڪي قدم نه کنيا ويا، مختلف ادارا ۽ تنظيمون وري فوتين جي وارثن کي معاوضو ادا ڪرڻ جو ڪريڊٽ کڻڻ جي مقابلي ۾ هئا، واقعي جي 3 سالن بعد عدالت سامهون اتفاق سان رضوان قريشي جي، جي آءِ ٽي رپورٽ سامهون آئي، جيڪڏهن  اها رپورٽ سامهون نه اچي ها ته اصل ڏوهاري انهي خوفناڪ ڏوهه بعد فرار ٿي وڃن ها، تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پوليس حقيقتن تائين پهچڻ لاءِ صحيح جاچ نه ڪئي، پوليس فيڪٽري مالڪن ۽ لاڳاپيل کاتن مٿان حفاظتي اپاءَ نه وٺڻ جو الزام هڻي پنهنجن ذميوارين کان پاسو ڪيو، عدالت ڪراچي جي سمورن فيڪٽرين مالڪن کي ايس او پيز تي مڪمل عملدرآمد ڪرڻ جو حڪم ڏيندي سنڌ حڪومت کي پابند ڪيو آهي ته سمورين فيڪٽرين جو معائنو ڪري 6 هفتن اندر رپورٽ تيار ڪري پيش ڪئي وڃي، واضح رهي ته دھشتگردي ٽوڙ عدالت 2020 ع ۾ 2 جوابدارن زبير چريا ۽ عبدالرحمان ڀولا کي ڦاهي ۽ 4 جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ھئي،