ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ) بلديه ٽائون فيڪٽري ڪيس ۾ مفرور مک جوابدار حماد صديقي کي پاڪستان آڻڻ واري ڪيس ۾ عدالتي طلبي باوجود آءِ جي سنڌ ۽ وفاقي گهرو سيڪريٽري پيش نه ٿيا، عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي چيف سيڪريٽري ۽ وفاقي گھرو سيڪريٽري کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جسٽس ڪي ڪي آغا ريمارڪس ڏيندي چيو ته انهي سانحي ۾ 259 ماڻھو قتل ٿي چڪا آھن پر ڪنھن کي ڪو احساس ناھي، سرڪاري وڪيل عدالت کي مطمئن نه ڪري سگھيا آهن، ڪالهه ٻڌڻي دوران ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا،  گھرو وزارت جو سيڪشن آفيسر ۽ فوڪل پرسن پيش ٿيا، عدالت آءِ جي ۽ گهرو سيڪريٽري  نه اچڻ تي ڪاوڙ ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي چيف سيڪريٽري ۽ وفاقي گھرو سيڪريٽري کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ان موقعي تي گهرو وزارت جي سيڪشن آفيسر ڊاڪٽر جي ايم محمودي ٻڌايو ته گهرو وزارت حماد صديقي جي گرفتاري لاءِ وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آھن، عدالت پڇاڻو ڪيو ته ريڊ وارنٽ ڪڏهن جاري ٿيا آھن؟ هن وقت ڇا صورتحال آهي؟ جنهن تي سيڪشن آفيسر ٻڌايو ته ريڊ وارنٽ 26 جنوري 2017 تي جاري ڪيا ويا ھئا، اهي ريڊ وارنٽ 5 سالن لاءِ جاري ٿيندا آھن، جنھن تي عدالت چيو ته مطلب ته  ريڊ وارنٽ جو مدو جنوري 2022ع ۾ ختم ٿي ويو آھي،  گهرو وزارت جي ڪارڪردگي انتهائي ناقص آهي، سوين ماڻهن جي قتل واري ڪيس جي بهتر  انداز ۾  پوئواري   ناهي ٿي، هاڻ چيف سيڪريٽري کي گھرايون ٿا، اھو ئي ڪيس بابت صحيح ٻڌائيندو، عدالت  ٻڌڻي 25 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.