بلديا سانحو: امڪان ناهي ته فيڪٽري ساڙڻ جو فيصلو ايم ڪيو ايم قيادت جي منظوري کانسواءِ ٿيو هُجي: عدالت

0
99

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ بلديه فيڪٽري سانحي ڪيس جي اپيلن تي لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي، عدالت چيو آهي ته ڪيس ۾ انتهائي غير معياري ۽ ناقص جاچ جو انڪشاف ٿيو آھي

عدالت چيو آهي ته حماد صديقي اشتھاري ڏوهاري آهي ۽ 10 سالن کان پرڏيهه فرار آهي، کيس واپس آڻڻ لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا ويا، جڏهن ته عدالت حماد صديقي کي ڏيهه واپس آڻڻ لاءِ کنيل قدمن جي رپورٽ طلب ڪري ورتي

سنڌ هاءِ ڪورٽ گهرو سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ کي رپورٽ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو  آهي

عدالت چيو آهي ته ائين نٿو لڳي ته ھڪ ھزار پورھيتن جي فيڪٽري کي ساڙڻ جو فيصلو ايم ڪيو ايم قيادت جي منظوري کانسواءِ ٿيو ھُجي، فيڪٽري ساڙڻ جو سنگين فيصلو ايم ڪيو ايم اعليٰ قيادت جي منظوري کان سواءِ نٿو ٿي سگھي

سنڌ هاءِ ڪورٽ بلديه سانحي ڪيس ۾ جوابدارن جي موت جي سزا خلاف جون اپيلون رد ڪري ڇڏيون، عدالت رضوان قريشيءَ جي، جي آءِ ٽي رپورٽ کي فيصلي جو اهم بنياد قرار ڏئي ڇڏيو

عدالتي حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته وڏي انگ ۾ انسانن جي موت جو سوڳ ته ملهايو ويو پر اڳتي اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ ڪي قدم نه کنيا ويا، مختلف ادارا ۽ تنظيمون مارجي ويلن جي وارثن کي معاوضو ادا ڪرڻ جو ڪريڊٽ کڻڻ جي مقابلي ۾ هئا

فيصلي موجب عدالت سامهون اتفاق سان واقعي جي 3 سالن بعد رضوان قريشي جي، جي آءِ ٽي رپورٽ سامهون آئي، جي اها رپورٽ سامهون نه اچي ها ته اصل ڏوهاري ان خوفناڪ ڏوهه بعد فرار ٿي وڃن ها

عدالت چيو ته گمراهه ڪندڙ ايف آءِ آر داخل ڪري اصل جوابدارن کي تحفظ فراهم ڪيو ويو، خوف سبب شاهد سامهون نه آيا، پوليس به ڀتو وٺندڙ جوابدارن کي اڳيان آڻڻ کان انڪار ڪيو، ايستائين جو انڪوائري ڪميشن به باھ جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ ماهرن کان ڪيميائي تجزيي ڪرڻ کان انڪار ڪيو

عدالت چيو آهي ته وڏي انگ ۾ ماڻھو فوت ٿيڻ تي ماتم ته ڪيو ويو، پر مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا ويا، مختلف ادارا ۽ تنظيمون قرض وٺڻ جي مقابلي ۾ مصروف آهن ته جيئن مقتولن کي معاوضو ڏنو وڃي

واقعي جي ٽن سالن کانپوءِ رضوان قريشي جي جي آءِ ٽي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳيان پيش ڪيو ويو،جيڪڏهن اها رپورٽ نه اچي ها ته واقعي جا اصل جوابدار واقعي کان پوءِ فرار ٿي وڃن ها

عدالتي حڪمنامي ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته پوليس حقيقتن تائين پهچڻ لاءِ صحيح جاچ به نه ڪئي، پوليس فيڪٽري مالڪن ۽ لاڳاپيل کاتن تي حفاظتي اُپاءُ نه رکڻ جو الزام هڻي پنهنجي ذميواري کان پاسو ڪيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي سمورين فيڪٽرين مالڪن کي ايس او پيز تي مڪمل عملدرآمد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سنڌ حڪومت کي سمورين فيڪٽرين جو معائنو ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو ويو آهي

سنڌ حڪومت کي 6 هفتن اندر سمورين فيڪٽرين ۾ حفاظتي قدمن جو معائنو ڪري رپورٽ تيار ڪري پيش ڪرڻ جي ھدايت ڪئي وئي آهي

هي به پڙهندا

بلديه فيڪٽري سانحو، رحمان ڀولا ۽ زبير چريا جون موت جي سزا خلاف اپيلون رد