نوشهروفيروز (رپورٽر) ضلعي نوشهروفيروز ۾ اڄ ضمني بلدياتي چونڊن جي مختلف ڪيٽيگرين جي 4 سيٽن تي چونڊن کان اڳ پ پ جا اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن، جن تعلقي ڪنڊيارو جي يوسي سومر چنڙ جي وائيس چيئرمين جي سيٽ تي شوڪت علي ڪلهوڙو، تعلقي ڀريا جي يوسي دليپوٽا جي وائيس چيئرمين جي سيٽ تي غلام مصطفيٰ سولنگي، تعلقي محرابپور جي يوسي صالح سهتو جي ضلعي ڪائونسل ميمبر تي حسين بخش سهتو ۽ ساڳئي يوسي جي جنرل وارڊ ميمبر تي سجاد حسين ڪامياب قرار ڏنا ويا آهن.