بلدياتي اليڪشن، رسڻ پرچڻ ۽ اهل اميدوارن جي پرک

0
64
بلدياتي اليڪشن، رسڻ پرچڻ ۽ اهل اميدوارن جي پرک

  سنڌ ۾ جيئن جيئن گرميون زور ٿينديون پيون وڃن تيئن تيئن بلدياتي اليڪشن جي چونڊ مهم پڻ تيز ٿيندي پئي وڃي. سنڌ جي اترين ضلعن ۾ اهي سردار ۽ ڀوتار به گرمين جي ڏينهن ۾ ميدان تي لٿل آهن جيڪي عام طور هي گرميون پرڏيهي دورن بعد اسلام آباد جي ٿڌي موسمن يا ڪراچي جي نارمل موسم ۾ گذاريندا آهن. بلدياتي اليڪشن ۾  اهڙي ته ڪا ڪشش ضرور آهي جو ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ سليم جان مزاري جهڙو پراڻو رانديگر به پهچي ويو آهي ته سندراڻي بجاراڻي ۽ جکراڻي سردار پڻ لابنگ ڪرڻ ۾ مصروف آهن. ٻئي طرف شڪارپور آهي جتي هڪ ئي پارٽي يعني پيپلزپارٽي ۾ رهندي هڪٻئي سان شديد اختلافن سبب پري ٿي ويل ڪماريا ۽ دراني پاڻ ۾ ٺهي ويا آهن جن جي ٽياڪڙي امتياز احمد شيخ ڪري رهيو هو ته وري جي يو آئي ف سان پڻ پيپلزپارٽي جون ڳالهيون هلندڙ هيون. ٻئي طرف قمبر شهدادڪوٽ ضلعو آهي جتي هميشه مگسي ۽ چانڊيا سردار پاڻ ۾ اٽڪي پوندا آهن.

سي هن ڀيري پڻ پاڻ ۾ ڪاوڙجي پيا.  پيپلزپارٽي جي بلدياتي اليڪشن جي اميدوارن جي نالن جي حتمي فهرست نئون ديرو هائوس تي مختلف اجلاسن بعد ٿي رهي هئي جنهن ۾ جڏهن قمبر شهدادڪوٽ جو وارو آيو ته فريال ٽالپر جي سربراهي ۾ هلندڙ اجلاس مان عامر مگسي واڪ آئوٽ ڪري نڪري ويو. جنهن اجلاس جي ڪجهه ڏينهن بعد جڏهن آصف علي زرداري نئون ديرو هائوس پهتو ته هن ٻنهي ڌرين يعني چانڊين مان سردار چانڊيو ۽ مگسين مان عامر مگسي کي پاڻ سان گڏ اسٽيج تي ويهاري بلدياتي اميدوارن ۾ اهو تاثر ڏنو ته ٻئي هڪ ئي پارٽي ۾ آهن ۽ پارٽي جي پاليسي فالو ڪندا. سنڌ ۾ هن ڀيري بلدياتي اليڪشن ۾ جيتري سرگرمي پيپلزپارٽي جي نظر اچي رهي آهي ايتري سرگرمي ٻين جماعتن مان جي يو آئي ۽ ڪجهه آزاد اميدوارن وچ ۾ نظر اچي رهي آهي. جڏهن ته مک ڌارا ۾ اليڪشني سياست ڪندڙ پي ٽي آئي پڻ ڪجهه شهرن ۾ سرگرم آهي پر ان جي سرگرمي اڃان ايتري وسيع نٿي سگهي آهي جو ان جماعت جي مرڪزي قيادت يا صوبائي قيادت لاڙڪاڻي سکر يا انهن ضلعن ۾ پاڻ اچي ويهي اميدوارن جا نالا فائينل ڪري جيئن پيلزپارٽي يا جي يو آئي وارا ڪري رهيا آهن.

هن ڀيري خود پيپلزپارٽي اندر اثررسوخ رکندڙ ماڻهو ڪوشش ڪري رهيا آهن ته جيئن سندن پسند جي اميدوارن کي پارٽي ٽڪيٽ ملي سگهن. بلدياتي اليڪشن جي پهرئين مرحلي ۾ ايس يو پي ۽ عوامي جمهوري پارٽي سميت ڪجهه اهڙيون قومپرست ۽ ترقي پسند جماعتون پڻ حصو وٺي رهيون آهن جيڪي پنهنجي نظرين تي قائم هوندي اليڪشني سياست کي بهترين سياسي مورچو سمجهن ٿيون. قمبر شهدادڪوٽ جي نصيرآباد شهر ۾ ته عوامي جمهوري پارٽي جي ڪامريڊن ٻين پارٽين سان گڏجي شهر سطح تي هڪ اهڙو اتحاد پڻ جوڙيو آهي جنهن تحت نصيرآباد ٽائون جي سمورين سيٽن تي هو پنهنجو پينل بيهاريندا. ترقي پسند قومپرست جماعتن جي ان اتحاد اڳ ۾ به نصيرآباد شهر مان ڪائونسلر جون ڪجهه سيٽون کٽيون آهن تنهن ڪري هن ڀيري انهن کي اهو يقين آهي ته هو سخت جاگيرداري ماحول ۾ رهندي به ڪجهه سيٽون ضرور کٽي ايندا. ڇو ته هڪ ڪامريڊ چواڻي پيپلزپارٽي جي وڏيرن بلدياتي ادارن ۾ ايتريون ته بدعنوانيون ڪيون آهن جو هاڻي مٿن تنقيد آساني سان ڪئي ويندي ۽ عوام اها تنقيد ٻڌڻ لئه پڻ تيار هوندو.

بلدياتي چونڊن جو چهچٽو اڃا ڪجهه ڏينهن ۾ وڌيڪ تيز ٿيندو پر عام چونڊن جيان بلدياتي چونڊن جي اليڪشن مهم سان پڻ حشر اهو آهي ته ان مهم ۾ ڪنهن به پارٽي جو منشور سامهون نه اچي سگهيو آهي ته اهي بلدياتي چونڊن ۾ ڪامياب ٿي ڇا ڪندا ۽ عوام سندن اميدوارن کي ووٽ ڏئي ته آخر ڇو ڏئي.بلدياتي ادارن جي بجيٽ سنڌ اندر جنهن بيدردي سان استعمال ٿي آهي تنهن جو مثال نٿو ملي. سموري سنڌ جا بلدياتي ادارا پنهنجي پنهنجي شهر جي ماڻهن کي رليف ڏيڻ ۾ ناڪام رهيا. انهن بلدياتي ادارن جي هر مهيني ايندڙ  بجيٽ واري قسط جي رقم تڪ جي ايم پي ايز يا ايم اين ايز جي اوطاقن جا خرچ ڀرڻ ۾ پوري ڪئي ويندي رهي آهي. اهي صرف الزام نه پر اهڙو کليل راز آهي جيڪو سمورن شهرن جي ماڻهن کي هاڻي معلوم ٿي چڪو آهي ته جيڪڏهن سندن شهرن ۾ روڊ رستا گهٽيون پاڙا صاف ناهن ته ان جي رقم ڪيڏانهن ويندي رهي آهي.جيڪڏهن سندن شهرن ۾ پبلڪ پارڪ ناهن يا وڻڪاري ناهي ته انهن شهرن جي ميونسپل جي رقم ڪيڏانهن ويندي رهي آهي هاڻي هر عام خاص کي اها خبر پئجي وئي آهي.

ان هوندي به جيڪڏهن ڪجهه ماڻهن کي اها خبر نه پئي هجي ته ميهڙ ڀرسان معصوم ٻارڙن سميت سڙي ويل سموري ڳوٺ مٿان ڪريل قيامت ته ڪنهن کان ناهي وسري. ان باهه جي وڌي وڃڻ جو ڪارڻ پڻ اهو ئي هو ته ميهڙ جي بلدياتي اداري وٽ فائربرگيڊ گاڏي موجود نه هئي جيڪا هئي اها ٽن سالن کان خراب پيل هئي ۽ ان جي مرمت جا پئسا مقامي ڀوتارن جي بنگلن تي خرچ ٿيندا رهيا.سنڌ ۾ بلدياتي ادارن جي بجيٽ ڪروڙن نه پر اربين روپين ۾ آهي جنهن جو هن وقت تائين مخلتف طريقن سان غلط استعمال ٿيندو رهيو آهي. هن ڀيري آيل بلدياتي اليڪشن ۾ سوال اهو به آهي ته ڇا سنڌ جي انهن ننڍن وڏن شهرن جا ماڻهو اهو پڇڻ جي جرئت ڪندا ته بابا بلدياتي ادارن جي هيترن سالن ۾ ڀينگ ڪرڻ بعد به توهان ٻيهر ووٽ جي اميد رکي ڪيئن آيا آهيو.؟ ڇا اهڙو سوال بلدياتي اميدوارن کان ڪرڻ گهرجي يا نه ڪرڻ گهرجي. ڇا اهڙو سوال ڪرڻ ڪا انوکي ڳالهه هوندي يا راڄ ڀاڳ وارا  ڳوٺ پاڙي وارا ڪاوڙجي پوندا ته هن ڀيري توهان يعني عام ووٽر اها جرئت ڪيئن ڪئي جو اميدوار ڀوتار کان سوال ڪري وڌو اٿو.

بلدياتي اليڪشن جي هن مرحلي ۾ اهو بنيادي سوال هر شهر جي هر باشعور ووٽر کي ضرور پچڻ گهرجي ته شهرن جي حالت ڪيئن ۽ ڪڏهن بهتر ٿيندي. بلدياتي اليڪشن ۾ جيڪڏهن ساڳيائي پراڻا چهرا ڏسي ووٽ ڏنا ويا ته پوءِ شهرن ۾ صفائي سٿرائي يا  واٽر سپلائي ۽ فائربرگيڊ نه هجڻ واريون دانهون ڪرڻ اجايو هوندو. تنهن ڪري هي بهترين موقعو آهي ته عام ماڻهو سوال پڇڻ جي جرئت ضرور ڪري. اهي سوال توهان کي پنهنجي شهر يا پنهنجي پاڙي مان بهتر اميدوار چونڊڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. بلدياتي اليڪشن ۾ ووٽ ڏيڻ مهل پنهنجي شهرن جي حالت ضرور ڏسو ته سنڌ جا سهڻا شهر ڪيئن ڏسندي ڏسندي کنڊرات ۾ تبديل ٿي ويا آهن. ٻين صوبن جا شهر وڌيڪ سهڻا ۽ ترقي يافته ڪيئن ٿي ويا آهن. ڇا اسان جا شهر ايترا صاف سٿرا ۽ خوبصورت نٿا ٿي سگهن جيترا ٻين صوبن جا شهر صاف سٿرا ۽ ساوڪ سان ڀريل نظر اچن ٿا. پنهنجي پنهنجي شهرن ۾ بلدياتي اميدوار چونڊڻ مهل اهي ڳالهيون اهي سوال ذهن ۾ ضرور رکو ته جيئن توهان جي شهر جو ۽ توهان جي شهرواسين جو مقدر هن ڀيري ڪو بدلجي سگهي.