اهي آمريڪا ۽ برطانيا ئي هئا جن جرمن جي حملن کان بچائڻ لاءِ سوويت يونين جي ڀرپور مدد ڪئي هئي ۽ بعد ۾ سوويت يونين ۽ آمريڪا هڪ ٻئي جا جاني دشمن بڻجي ويا. هڪ وقت هو جڏهن ايران ۽ آمريڪا جو ياراڻو عاشقاڻي ليول جو هو ۽ اڄ اهو ڀڙڪيل دشمني تي پهتل آھي. تاريخ جا ڪتاب چون ٿا ته جڏهن ٻي مهاڀارائي لڙائي (1939.1945) ڀڙڪيل هئي ته ايران بلڪل چپ هو پر اتحادين کي خوف هو ته جرمني ان پاسي اچي سوويت يونين تي حملو ڪندو ته اهي 1941ع ۾ اچي ايران ۾ لڏو لاهي ويٺا ۽ رضا شاهه کي بادشاهت تان لاهي، رجيم چينج ڪري اتي سندس پٽ محمد رضا شاهه، جيڪو اصل ۾ اولهه جو حمايتي هو، کي تخت نشين ڪيائون. حقيقت ۾ ان سال ئي جنگ دنيا جي اڪثر علائقن ۾ ڦهلي هئي جو جاپان آمريڪا جي پرل هاربر تي حملو ڪيو هو. ايران سڌي ريت جنگ ۾ ته نه لٿو پر سامان سڙي لاءِ اتحادين جو حمايتي رهيو جنهن ۾ آمريڪا، سويت يونين ۽ برطانيا اڳرا هئا. بعد ۾ دنيا ٻن وڏين طاقتن ۾ ورهائجي وئي. ايران جو شاهه آمريڪا جي ڀاڪر ۾ آيو ۽ ايئن آمريڪا به مٿس نوازشون شروع ڪيون ۽ 1957ع ۾ ايران ۽ آمريڪا سول نيوڪليئر ڪووآپريشن ايگريمنٽ صحي ڪيو. آمريڪا جو صدر آئزن هاور هو. مزي جي ڳالهه ته اهو به ٽرمپ واري پارٽي ريپبلڪن جو ئي هو. 1967ع ۾ تهران ۾ آمريڪي مدد سان هڪ وڏو تحقيقي نيوڪليئر سينٽر ٺاهيو ويو. 1968 ۽ 1970 ۾ ايران نان نيوڪليئر پروليفريشن ٽريٽي تي صحيون ڪيون. جنهن جو مقصد هو ته ايران پرامن مقصدن لاءِ ئي نيوڪليئر صلاحيت حاصل ڪندو، تباهي ڦهلائيندڙ گريڊ جا بم وغيره نه ٺاهيندو. جڏهن 1979ع ۾ امام خميني وارو انقلاب آيو ته آمريڪا تڪڙ ۾ پويان پير ڪون ڪيا، توڙي جو سندن عملو انقلابين اغوا ڪيو پر بعد ۾ اسي واري ڏهاڪي جي منڍ تائين آمريڪا ٿوري گهڻي ايران جي ڳجهي مدد ۾ رهيو پر 1991.92 ۾ جيئن ئي سوويت يونين جو مڪمل خاتمو ٿي ويو ته آمريڪا ايران کان سهڪار هڪدم واپس وٺي ڇڏيو. تاريخ جا ڪتاب هڪ مزي جي ڳالهه به لکن ٿا ته امام خميني آمريڪي کي چيو ته اسان نيوڪليئر پروگرام معطل ٿا ڪيون ڇو ته اهو غير اسلامي آھي. نوي واري ڏهاڪي ۾ ايران وري نيوڪليئر پروگرام تي ڪم جا سانباها ڪيا ته هن ڀيري سندس مدد لاءِ روس آيو ۽ آمريڪي جي مخالفت شدت اختيار ڪري وئي، اهو ئي آمريڪا جنهن ايران کي نيوڪليئر پروگرام جي مد ۾ مختلف وقتن دوران ٽي چار بلين ڊالر مدد ڪئي هئي. هاڻ اهي دوست هڪ ٻئي جا جاني دشمن آھن، ريپبلڪن جي آئزن هاوور جي دوستي کان ريپبلڪن جي ڊولنڊ ٽرمپ جي ايران دشمني تائين پنهنجي مدد سان شروع ڪرايل ايٽمي پروگرام تباهه پيا ڪن. پر ان سان عام انسان جون ڀوڳنائون به وڌن پيون جنهن جي ڳڻتي طاقت جي نشي ۾ ورتل حڪمران ڇا ڪنهن فرد کي به ناهي هوندي. عالمي سياست ۾ دوستيون ۽ دشمنيون مذهبن کي به وچ ۾ آڻين ٿيون ته پنهنجي ڏاڍ ۽ طاقت کي ظاهر ڪرڻ لاءِ سڀ اصول پاڻ لتاڙي ڇڏين ٿيون. جنهن جو مثال اسرائيل ۽ آمريڪا آھن ته  ٻي پاسي يوڪرين ۽ رشيا آھن.مون اي آء معرفت ان صورتحال جا چارٽ به ٺهرايا آھن جيڪي هت رکجن ٿا. جنهن ۾ ايران جي نيوڪليئر پروگرام جي 2025 تائين صورتحا ۽ ٻي مهاڀاري لڙائي جي ايراني صورتحال آھي، جنهن بعد ئي ايران جي سياسي اٿل پٿل ٿي، اهو چارٽ ان بنياد کي سمجهڻ لاءِ آھي. (فيس بوڪ تان ورتل)