ڪجهه ڏينهن اڳ پيپلز پارٽيءَ جي سربراهه بلاول ڀٽو کان سوال ڪيو ويو ته، ڇا پيپلز پارٽي اڄ به ‘طاقت جو سرچشمو عوام’ کي سمجهي ٿي؟ هن جو جواب هو ته، ڪجهه ماڻهو نفرت جي سياست ڪري خطرناڪ راند کيڏي رهيا آهن پر اسان اهڙي سياست نه ڪندا آهيون، اسان اڄ به عوام کي ئي طاقت جو سرچشمو سمجهون ٿا. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي فرزند، تازو هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ پنهنجن سياسي نظريين، پارٽي پاليسي، مستقبل جي سياست ۾ ڪردار، مخالفن جي ڪجهه الزامن ۽ ٻين مسئلن بابت کلي خيالن جو اظهار ڪيو. هڪ ترقي پسند ۽ سامراج دشمن جماعت جي حيثيت سان قائم ڪيل پيپلز پارٽي هاڻي اڌ صديءَ کان مٿي جو سفر طئي ڪري چڪي آهي، هڪ راءِ اها پڻ رهي ۽ ان هن وقت به آهي ته، پيپلز پارٽي سوشلسٽ ترقي پسند نه پر سينٽرل لبرل ترقي پسند جماعت آهي، ان ڪري هن ۾ ساڄي ۽ کاٻي ڌر واري سوچ رکندڙن کان علاوه سينٽرل لبرل سوچ وارا ماڻهو به شامل آهن. البته هڪ طبقو پيپلز پارٽي جي اندر هڪ خاص قسم جي مذهبي فڪر جي تنگ نظر پروپيگنڊا ڪندڙن کان ناراض آهي. سنجيده طبقا، پيپلز پارٽي پنجاب جي اسٽڊي سرڪل جي انڌي، تنگ نظر مذهب پرستي تي به حيران آهن ته اها مخلوق ڪٿان کان تخليق ٿي. گذريل لڳ ڀڳ ڇهن ڏهاڪن دوران پارٽيءَ جي باني ذوالفقار علي ڀٽو کي نظريه ضرورت جي تحت ڦاسي ڏني وئي. سندس نياڻي بينظير ڀٽو 27 ڊسمبر 2007ع تي راولپنڊي ۾ پرهجوم روڊ تي دهشتگردي جو شڪار ٿي. ڀٽو صاحب جي خاندان جون قربانيون بلاشڪ پنهنجو مثال پاڻ آهن. انهن جي قائم ڪيل پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن پڻ گذريل ڇهه ڏهاڪن ۾ شاندار قربانيون ڏنيون پر طاقت جو سرچشمو عوام جو نعرو ڏيندڙ پيپلز پارٽي جو الميو اهو آهي ته ڏهاڪن کان ان تي اهي ئي طبقا قابض آهن، جن خلاف پارٽي ٺهي هئي. اڄ جيڪڏھن بلاول ڀٽو پنهنجي ناني ۽ والده جي جماعت جي شعوري ۽ عوامي نئين شروعات جو خواهشمند آهي ته ان کي اهو سمجهڻو پوندو ته سماج جي مظلوم ۽ محڪوم طبقن جو آواز بڻجي ئي سياسي عمل ۾ موثر ڪردار ادا ڪري سگهجي ٿو.
پيپلز پارٽي مزاحمتي ۽ ترقي پسنداڻي سياست جو چهرو هئي. ڏسڻو ۽ سمجهڻو پوندو ته ان مزاحمتي ۽ ترقي پسنداڻي چهري تي دز ڇو پئي ۽ ڇا پارٽي پنهنجي اساسي نظرين سان گڏ بيٺل رهي؟ ٻنهي سوالن جو نرم کان نرم لفظن ۾ جواب اهو آهي ته، پيپلز پارٽي اپريل 1986ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي وطن واپسي کان پوءِ پهرين مرحلي ۾ سامراج دشمني کي ترڪ ڪيو ۽ ٻئي مرحلي ۾ سمجھوتن جي سياست کي گلي لڳايو. هڪ غلطي ٻي اها ٿي جو 1990ع واري ڏهاڪي ۾ پنجاب ۾ گڏيل حڪومت ٺاهڻ وقت هڪ انتها پسند تنظيم جي رڪن صوبائي اسيمبلي کي وزير بڻايو ويو. اڄ جي حالتن ۾ ملڪ جي سياست کي ٻن ڳالهين جي سخت ضرورت آهي، پهريون عوام دوست ۽ سامراج دشمن نظريات تي قائم سياسي جماعت، ۽ ٻيو اهڙي سياسي جماعت، جنهن ۾ مٿان کان هيٺ تائين حقيقي جمهوريت هجي ۽ ڪارڪن ڪلچر پڻ. ڇا پيپلز پارٽي جو نوجوان چيئرمين ان ڳالهه کان بي خبر آهي ته جمهوريت سان فڪري استقامت بيٺل رهڻ جي خواهش هڪ شئي آهي ۽ بيهڻ وري ٻي شئي.
طاقت جو سرچشمو عوام جو نعرو ڏيندڙ پيپلز پارٽيءَ جي قيادت ٿورو ٿڌي دل سان پنهنجي تنظيم جي حالت ۽ تنظيم ۾ هر سطح تي عهديدارن بابت طبقاتي سروي ڪرائي ڏسي وٺي. جمهوريت جي حالت اها آهي ته پيپلز پارٽي ۾ عهدن تي نامزدگين لاءِ چونڊ عمل بدران انٽرويو ٿين ٿا. معاف ڪجو، انٽرويو ته محدود ڪمپنين ۾ نوڪريون ڏيڻ لاءِ ٿين ٿا. سياسي عمل ۽ پارٽي جي جمهوريت سان ان جو ڪو تعلق نه آهي.
وري اهو عرض آهي ته جمهوريت ۽ فقط جمهوريت، ان کان سواءِ ڪو به نظام مهم جوئي هوندي. بلاول جمهوريت سان گڏ بيٺل آهي، اها خوش آئند ڳالهه آهي، پر ڇا هو ان استحصالي طبقاتي نظام کي جمهوريت سمجهي ٿي يا طبقاتي جمهوريت جي گهٽي مان قومي جمهوريت جو رستو ڪڍڻ جو خواهشمند آهي؟ جيڪڏھن اهو قومي جمهوريت تي يقين رکي ٿو ته پهرين مرحلي ۾ پنهنجي جماعت ۾ حقيقي جمهوري عمل کي هٿي ڏئي. نامزدگين جي بدعت کي ختم ڪري. سياسي مجبوريون ۽ مسئلا آهن ته مرحليوار چونڊون ڪرائي وٺي. اهڙو تماشو نه ٿئي، جيئن ساڍن ٽن منٽن اندر جيئن پيپلز پارٽي پارليامينٽرين جي مرڪزي ۽ صوبائي عهديدارن جون چونڊن ٿي ويون هيون. ان جي اها ڳالهه پڻ سئو سيڪڙو درست آهي ته ڪجهه ماڻهو نفرت جي سياست ڪري خطرناڪ راند کيڏي رهيا آهن ۽ هو يا انهن جي جماعت نفرت جي سياست جو حصو نه بڻجندا. اسان جي نظر ۾ سياسي جماعت جو ڪم سماج جي مختلف طبقن کي گڏ کڻي هلڻ ۽ مخالفن سان ڳالهه ٻولهه لاءِ دروازا کليل رکڻ آهي. سياست بند گهتي يا ڏورانهين ويران ٻيٽ تي نه ٿيندي آهي، اها هڪ ڀرپور سماج جي ضرورت آهي ۽ سماج کي انتهائن ۾ ورهائي “ڪنهن” جو رستو ته هموار ٿي سگهي ٿو، پر عوام جي حق حڪمراني جو هرگز نه. بلاول جي سامهون پنهنجي جماعت جي ڇهه ڏهاڪن جي تاريخ آهي. هو کليل انداز ۾ پنهنجي ڳالهه چوي ٿو ۽ پارٽي موقف جو اظهار ڪري ٿو. تنهن ڪري هن کي اهو به نظر ۾ رکڻو پوندو ته پاڪستان پنج قومن جي فيڊريشن آهي ۽ قومن جي برابري وارن حقن ۽ حق حڪمراني لاءِ نئين عمراني معاهدي جي ضرورت آهي. ان عمراني معاهدي لاءِ 1973ع جي آئين تحت ئي رستو ڪڍڻو پوندو.
پاڪستاني سياست جا رنگ ڍنگ نه فقط نرالا آهن، پر پاڻ سماج جو هڪ طبقو لشڪرين سان محبت ۽ وري مذهبي انتهاپسندن لاءِ نرم گوشو رکڻ واريون سياسي جماعتون به الڳ رنگ رکن ٿيون. اھڙي صورتحال ۾ پيپلز پارٽي جيڪڏهن تعصب ۽ انتهاپسندي۽ اسٽيبلشمينٽ جو سهارو بڻجڻ بدران ترقي پسند فڪر جي روشني ۾ قومي جمهوريت لاءِ جدوجهد جو رستو اختيار ڪري ته هڪ حقيقي عوام دوست سياست ۽ جماعت ٻنهي جي نئين شروعات ٿي سگهي ٿي. ڇا بلاول نه ٿو سمجھي ته جيڪڏهن سياست کي گار ۽ ڪاروبار بڻائڻ وارن جي حوصله شڪني نه ڪئي وئي ته ايندڙ وقت ۾ سياسي عمل نه فقط بدزباني سان ڀريل رهندو، پر ڪارپوريٽ ڪلچر وانگر بدنام زمانه ڌنڌو ٿي ويندو. بلاول اڃا نوجوان آهي، هن وٽ وقت پڻ آهي، تنهن ڪري ان کي مروج سياست جا ناز ۽ ماڻا کڻڻ بدران پنهنجي اعلان ڪيل فڪر موجب پيپلز پارٽي کي ٻيهر عوام دوست ۽ سامراج دشمن جماعت طور منظم ڪرڻو پوندو. ان لاءِ ڪهڙا ڪم ضروري آهن، انهن جو ذڪر آئون مٿي ڪري چڪو آهيان. بهرحال، شڪايتن جا دفتر کولڻ بنا اهو رض ڪرڻ وڌيڪ ضروري آهي ته طبقاتي شعور، عوام دوستي، سامراج دشمني، استحصالي طبقن خلاف اٽل موقف، آئين ۾ فرد ۽ ادارن لاءِ مقرر ڪيل حدن جي احترام جو ڪامل يقين هئڻ. اهي ئي نقطا جنهن سياسي جماعت جي منشور جو حصو هوندا ۽ اها انهن تي عمل ڪندي نظر ايندي، ان کي ئي سماجي پذيرائي ملندي. فيصلو پيپلز پارٽي کي ڪرڻو آهي ته ان کي کاٻي ڌر جي عوام دوست سياست کڻي هلڻي آهي يا مروج سياست جو حصو رهڻو آهي. مروج سياست جو حصو رهڻو آهي ته پوءِ عام ماڻهو لاءِ پيپلز پارٽي ۾ ڇا ڪشش هوندي؟ وڌيڪ عرض آهي ته پيپلز پارٽي کي پنهنجي اساسي نظريات ڏانهن موٽڻو پوندو، هڪ حقيقي عوام دوست جماعت، جيڪا استحصال ۽ مقامي ۽ عالمي سامراجيت جي خلاف ميدان عمل ۾ ڄمي مزاحمت ڪري سگهي.