ھالا (ن پ ا) پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳوڻي وائيس چيئرمين ۽ سروري جماعت جي اڳوڻي روحاني پيشوا ۽ ناليواري شاعر مخدوم محمد امين فھيم جي اٺين ورسي نھايت عقيدت ۽ احترام سان سندس آخري آرام گاھ درگاھ سرور نوح ۾ ملھائي وئي. مخدوم جميل الزمان مزار تي گلن جي چادر چاڙھي دعا گھري، هن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ميان نواز شريف سنڌ ۾ اچي ۽ پوءِ سنڌ ۾ حڪومت ٺاھڻ جي ڳالھه ڪري ته مڃندس، باقي منھنجي تجربي مطابق اڳتي ھلي ڪري پ پ چيئرمن بلاول ڀٽو زرداري ۽ ن ليگ قائد ميان محمد نواز شريف پاڻ ۾ گڏجي حڪومت ٺاھيندا، ۽ ميان محمد نواز شريف کي آئون پاڪستان اچڻ تي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو، بھتر ڳالھه آھي ته پنھنجي ملڪ ۾ سياست ڪري، ھن چيو ته منھنجي خواهش آھي ته اليڪشن ۾ سمورين پارٽين کي حصو ڏنو وڃي، عمران خان سميت جيڪي سياسي ليڊر جيل ۾ آھن، انھن کي اليڪشن جي ڏينھن ۾ آزادي ڏني وڃي، سياست ۾ ڪنھن سان ڪا دشمني ناھي ھوندي اليڪش 8 فيبروري تي ٿيندي ۽ ٿيڻ گھرجي ۽ واحد رستو اليڪشن آھي جنھن ۾ عوام پنھنجي راءِ ڏئي ٿي، ان موقعي تي ميونسپل ڪميٽي ھالا جو چيئرمين گل محمد پنھور، پوڙھو ڏاھري ۽ ٻيا ساڻس گڏ ھئا،ورسئ جي موقعي تي ميونسپل ڪميٽي ھالا طرفان پاڻي جي سبيلن جا اسٽال لڳايا ويا، ۽ صفائي سٿرائي جا پڻ انتظام ڪيا ويا ھئا.