ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ پيپلزپارٽي (عورت ونگ) جي صدر فريال ٽالپر سان پارٽي جي مختلف اڳواڻن الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون، پيپلزپارٽي سنڌ جي نائب صدر منظور وساڻ سنڌ جي سياسي معاملن بابت بريفنگ ڏني، هوڏانهن مڪاني وزير سعيد غني بلاول ڀٽو سان ملاقات دوران کاتي جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني بلاول ڀٽو ۽ فريال ٽالپر سان صلاحڪار وقار مھدي، نجمي عالم، ايم پي اي سھيل انور سيال، پ پ سانگهڙ جي اڳواڻ نويد ڏيرو، اڳوڻي ايم اين اي عابد ڀيو ، پ پ سنڌ جي اڳواڻ عاجز ڌامراهه ملاقاتون ڪري سنڌ جي سياسي معاملن تي بريفنگ ڏني.