نئون ديرو(ن پ ا) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو ۽ ٻين سان گڏجي عيد نماز ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيدن جي مزارن ادا ڪئي. عيد نماز ادا ڪرڻ بعد اجتماعي دعا گهري ماڻهن سان ڀاڪر پائي عيد جون مبارڪون ڏنيون ۽ خوشيءَ جو اظهار ڪيو، جنهن بعد بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گڏ قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضريون ڀري گل رکي جمهوريت جي شهيدن جي مزارن تي حاضري ڏيندي ملڪ جي سلامتي ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ دعا گهري جنهن بعد عيد جا ٽئي ڏينهن بلاول ڀٽو زرداري نئون ديرو هائوس ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ساڻس عيد ملڻ لاءِ پهتل عهديدارن، چونڊيل نمائندن، پارٽي جي جيالن ورڪرن، صحافين سميت مختلف مڪتبئه فڪر جي ماڻهن سان عيد ملي خوشيءَ جو اظهار ڪيو. جڏهن ته عيد ملڻ لاءِ پهتل ڪجهه ماڻهن پاران ڪيل شڪايتن تي لاڳاپيل عملدارن سان ڳالهائي انهن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جون هدايتون پڻ ڪيون. جڏهن ته خاتون اول ايم اين اي آصفه ڀٽو زرداري، ايم پي اي فريال ٽالپر نئون ديرو هائوس پهچي بلاول ڀٽو زرداري سان گڏجي عيد ملڻ لاءِ ايندڙ ماڻهن سان ملاقاتون ڪيون جنهن بعد خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي وئي جتي هن قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضريون ڀري گل رکي فاتحه خواني ڪئي جنهن بعد آصفه ڀٽو زرداري صدر پاڪستان آصف علي زرداري جي طبيعت خراب هجڻ جو ٻڌي واپس ڪراچي رواني ٿي وئي.